ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نيب چيئرمين: عمران خان-جسٽس جاويد اقبال ڳٺ جوڙ!

الهه بخش راٺوڙ

موجوده حڪمران اهڙو ڪم ڪرڻ گهرن ٿا، جنهن جي نه آئين ۾ گنجائش آهي، نڪي وري قانون ۾. ان جي باوجود هو چاهين ٿا ته آئين کان مٿانهون ڪو فيصلو ڪري پنهنجن خواهشن جو پورائو ڪري سگهجي ٿو. ان حوالي سان ڏندن وارو ڊاڪٽر صدر موجود آهي، جيڪو ڪجهه به ڪري سگهي ٿو،ان جو ساٿ جيڪڏهن سامري قانوني جادوگر ۽ شريف الدين پيرزادا فروغ نسيم ثاني به ڏنو ته ٻيڙا ئي پار ٿي ويندا! نيب جي نئين چيئرمين جي مقرري واري معاملي تي حڪومت ته پهريان ئي اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته وزير اعظم ڪنهن به صورت ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف سان صلاح مشورو نه ڪندو. هاڻ مسئلو نئين چيئرمين جي مقرري جي نه ٿيڻ جي صورت ۾ موجوده چيئرمين جاويد اقبال کي عهدي تي برقرار رکيو ويندو ۽ ان حوالي سان آرڊيننس به جاري ڪيو ويندو.
نيب جي نئين چيئرمين جي مقرري ڪجي يا موجوده چيئرمين جي مدي ۾ واڌ ڪجي يا ايستائين جو ان کي ڪم جاري رکڻ لاءِ چئجي. سياسي پنڊتن جو خيال آهي ته مخالف ڌر جاويد اقبال کي ٻيهر چيئرمين مقرر ڪرڻ يا ان جي مدي ۾ واڌ ته پري جي ڳالهه آهي، پر اها حڪومت جي هڪ ٻئي نيب جي چيئرمين طور اميدوار جسٽس رٽائرڊ عظمت شيخ کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري چڪي آهي، هنن ٻنهي عهديدارن کي عمران خان جي حڪومت جي بي ٽيم سمجهيو وڃي. جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي عمر به 72 سال ٿي وئي آهي، ان جي باوجود هو گهر ۾ آرام ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ ان هينئر تائين جيڪو هڪ طرفو احتساب رڳو حڪومت جي مخالفن جو ڪيو آهي، ان جي نتيجي ۾ نيب جو ادارو تڪراري ٿي چڪو آهي. ان سان گڏ جسٽس جاويد اقبال جي حوالي سان ويڊيو اسڪينڊل به سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ موجود آهي، جنهن جي بنياد تي هو ان عهدي لاءِ نااهل به ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن قانون جي وزارت معاملو جوڊيشل ڪائونسل ۾ کڻي وڃي ته جاويد اقبال کي ڏينهن جا تارا نظر اچي ويندا، هاڻ ته سپريم ڪورٽ جو جج، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ به جوڊيشل ڪائونسل جو ميمبر آهي.
نيب جي چيئرمين جي مقرري هجي، جيڪا مخالف ڌر جي اڳواڻ جي صلاح مشوري کانسواءِ ڪئي وڃي، نيب جي چيئرمين يا ڊپٽي چيئرمين جي مقرري يا عهدي جي مدي ۾ واڌ وارو معاملو هجي، ان حوالي سان ملڪ جي اعليٰ عدالت جا ٻه فيصلا به موجود آهن. پ پ دور ۾ جسٽس ديدار حسين شاهه کي نيب جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو هو، ان جي خلاف ان وقت جو مخالف ڌر جو اڳواڻ چوڌري نثار علي خان عدالت ۾ ويو هو، سپريم ڪورٽ گهربل مشاورت نه ٿيڻ جي صورت ۾ جسٽس رٽائرڊ ديدار حسين شاهه کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو. ان سان گڏ هڪ ٻيو ڪيس به آهي، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ منع ڪري چڪي آهي. جيڪڏهن جسٽس ديدار حسين شاهه واري ڪيس ۾ مشاورت کانسواءِ نيب چيئرمين جي مقرري ٿي نٿي سگهي ته پوءِ موجوده حڪومت مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف کانسواءِ ڪيئن ڪندي؟ ان حوالي سان نيب جو قانون مڪمل طور واضح پيو آهي، جيڪو ٻڌائي ٿو ته هي مقرري هجي يا اليڪشن ڪميشن جي چيئرمين يا ميمبرن جي مقرري جو معاملو هجي، وزير اعظم کي هر صورت ۾ مخالف ڌر سان صلاح مشورو ڪرڻو آهي. موجوده حڪمران هي راڳ الاپين ٿا ته جيئن ته مخالف ڌر جي اڳواڻ جا ڪيس نيب ۾ هلي رهيا آهن،انڪري ان سان مشورو ڪري نٿو سگهجي. نيب جي قانون ۾ هي ڪٿي به لکيل ناهي ته جيڪڏهن مخالف ڌر جي اڳواڻ تي ڪو الزام لڳي ٿو ته اهو نااهل ٿي وڃي ٿو نه ئي وري ڪٿي هي ڄاڻايو ويو آهي ته مخالف ڌر جي اڳواڻ تي ڪنهن الزام لڳڻ سان هو پنهنجي راءِ ڏئي نٿو سگهي. هي الڳ ڳالهه آهي ته مخالف ڌر جي اڳواڻ تي جيڪي به الزام آهن، اهي نه صرف ثابت نه ٿيا آهن، پر ڪنهن به عدالت کيس سزا به ڏني آهي. اهڙي صورتحال ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي راءِ ڪيئن Invalid ٿي وئي!
جيڪڏهن نيب جي چيئرمين جي مقرري واري معاملي تي نيب قانون واضح هجي ۽ ان ۾ ڄاڻايل هجي ته نه صرف موجوده چيئرمين جي نه صرف مدي جي واڌ ڪري نٿي سگهجي، نه ئي ان کي ايندڙ چيئرمين تائين فرض نڀائڻ لاءِ چئي سگهجي ٿو ۽ نه ئي چيئرمين جي غير موجودگي ۾ وائس چيئرمين ان جا اختيار استعمال ڪري سگهي ٿو ته اهڙي صورتحال ۾ مخالف ڌر جي موقف کي ئي درست سمجهي سگهجي ٿو. مخالف ڌر پهرين ڏينهن کان چئي رهي آهي ته جيڪڏهن عمران خان ڪو غير آئيني ۽ غير قانوني قدم کڻي ٿو ته ان اڳيان ان کانسواءِ ڪوبه رستو نه هوندو ته اها ملڪ جي اعليٰ عدالت سپريم ڪورٽ جو در کڙڪائيندي، جنهن جا نيب چيئرمين جي مقرري جي حوالي سان پهريان ئي ٻه فيصلا موجود آهن، جن کي Precedent بيان ڪري سگهجي ٿو. ان سان گڏ هي ڳالهه به واضح آهي ته نيب چيئرمين جي مقرري ڪنهن به سياسي بنياد تي ڪري نٿي سگهجي ۽ هي آئيني معاملو آهي، جيڪو آئين تي عمل ڪرڻ سان ئي حل ٿي سگهي ٿو.
نيب جي موجوده چيئرمين جاويد اقبال کي ٻيهر يا ان کي ايندڙ چيئرمين جي مقرري تائين اختيار استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ پٺيان آخرڪار ڪهڙي ڳالهه آهي؟ ڇا هن ملڪ ۾ ڪا اهڙي ٻي ڪابه شخصيت ناهي، جنهن تي اتفاق راءِ پيدا ڪري سگهجي؟ ڇا هن عهدي لاءِ رڳو تڪراري يا حڪومت جون پسنديده شخصيتون ئي مقرر ڪري سگهجن ٿيون؟ ڇا مخالف ڌر کي 18 هين ترميم تحت جيڪي اختيار مليا آهن، انهن جي استعمال کان روڪي سگهجي ٿو؟
جسٽس جاويد اقبال پهريون ڀيرو نيب جي چيئرمين جي عهدي تي مقرر نه ٿيو آهي، پر هو ان کان اڳ اهڙي نوعيت جي ڪيترن ئي ادارن ۽ ڪميشنز جو سربراهه نه صرف رهي چڪو آهي پر ملڪ جي اهم مسنگ پرسنز واري معاملي بابت قائم ڪميشن جو به چيئرمين آهي. هو واڳ ڌڻين جو ماڻهو رهيو آهي. هن جنهن به ڪميشن جي سربراهي سنڀالي ان جو ٻيڙو ٻوڙيو. هاڻ هن نيب جي سربراهه جي حيثيت ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي، اهو به انتهائي تڪراري آهي. هن جي حوالي سان وزير اعظم عمران خان هڪ پريس ڪانفرنس ۾ جيڪي رمارڪس ڏنا هئا، اهي به ريڪارڊ تي موجود آهن. وزير اعظم ته ايستائين چيو هو ته جن به سياسي اڳواڻن جي خلاف الزام آهن، انهن کي اک ڇنڀ ۾ سزا ڏني وڃي يا وري انهن جو خواجا آصف جيان سافٽ ويئر تبديل ڪيو وڃي. هو ته ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهي ته ملڪ ۾ سعودي عرب، ترڪي ۽ گڏيل عرب امارتن جهڙو انصاف جو نظام هجڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ نيب جو موجوده چيئرمين ان جي ها ۾ ها ملائي سگهي ٿو. نيب جي تحويل ۾ ايستائين جو اهم شخصيتون ته ٺهيون پروفيسر مري چڪو آهي، پر اهڙي سنگين ڏوهه تي عدالتن نه صرف ڪو پاڻمرادو نوٽيس نه ورتو، پر ڪا شنوائي به نه ٿي.
حڪومت ۽ نيب جو چيئرمين ان معاملي تي هڪ پيج تي آهن ته جيڪڏهن احتساب جو عمل جاري رکڻو آهي ته صرف مخالف ڌر جو ئي ڪري سگهجي ٿو. هاڻ ته نواز شريف به لنڊن مان تقريرون ڪرڻ شروع ڪيون آهن ۽ انهن تقريرن کي سوشل ميڊيا تي لکين ماڻهو ڏسي چڪا آهن ۽ ڏسن پيا. اڳوڻو وزير اعظم وري وري چئي چڪو آهي ته موجوده حڪمرانن سان گڏ انهن جي سهولت ڪارن کي به احتساب مان گذاريندا. اهي جيڪي نوي جي ڏهاڪي ۾ ن ليگ ۽ پ پ جي جهيڙي کان واقف آهن، انهن کي خبر آهي ته سيف الرحمان جي احتساب ڪهڙا نتيجا ڏنا هئا. جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال انتهائي تڪراري بڻجي چڪو آهي، هن هينئر تائين جيڪو ڪجهه ڪيو آهي، ان سان سياسي ڪلچر به گدلو ٿي ويو آهي. جيڪڏهن احتساب ائين ئي ٿيندو آهي ته پوءِ ماضي جي سيف الرحمان ۽ موجوده چيئرمين ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ ماضي ۾ ٻن اهم پارٽين ۾ جهيڙي جو فائدو واڳ ڌڻين کي ٿيو، هاڻ واڳ ڌڻين پاڻ هي نظام متعارف ڪرايو آهي ۽ اهي چاهين ئي اهو ٿا ته موجوده مخالف ڌر ميدان کان ٻاهر هلي وڃي. هاڻ ڏسڻو آهي ته ايندڙ عام چونڊن کان اڳ مخالف ڌر جا اڳواڻ، خاص ڪري شهباز شريف، مريم نواز ۽ ٻيا ڪيترا اڳواڻ بچن ٿا،جيڪي چونڊن ۾ حصو وٺندا. هي ساڳيو خطرو پ پ جي قيادت کي به آهي، پر پ پ کي بلاول جي صورت ۾ ڇوٽ مليل آهي، جنهن جو گهيرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر واڳ ڌڻي ناڪام ويا، ان حوالي سان پهريون ڀيرو عدليا به پازيٽو ڪردار ادا ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button