سنڌ

ڀنگ لا اغوا ڪيل شهري ايڪسائيز آفيس مان بازياب

ڪراچي جي علائقي پير آباد مان اغوا ٿيل شهري سرڪاري آفيس مان بازياب ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته آءِ آءِ چندريگر روڊ تي پوليس ڊي جي ايڪسائيز اينڊ ٽئڪسيشن جي آفيس تي ڇاپو هڻي مغوي کي بازياب ڪري 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته اغوا ڪندڙن مغوي جي وارثن کان ڀُنگ گهريو هو، جاچ دوران مغوي جي لوڪيشن ايڪسائيز اينڊ ٽئڪسيشن جي آفيس ۾ ملي، واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته مغوي کي 2 ڏينهن اڳ اغوا ڪيو ويو هو، جنهن جو ڪيس پيرآباد ٿاڻي تي داخل آهي، مغوي جي پٽ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button