رانديون

جبل چاڙهو علي رضا سدپارا جبل تان ڪري زخمي ٿي پيو

پاڪستان جو مشهور جبل چاڙهو علي رضا سدپارا پير ترڪڻ سبب جبل تان هيٺ زمين تي ڪري زخمي ٿي پيو آهي. ميڊيا مطابق علي رضا سدپارا جبل چاڙهن جي ٽريننگ ڪيمپ ۾ موجود هو، جيڪو جبل تان پير ترڪڻ سبب هيٺ اچي ڪريو، جنهن کي گهرا زخم رسيا آهن. هوڏانهن واقعي بعد علي سدپارا کي مقامي اسپتال نيو ويو، جتي فوري طور آپريشن ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي تھ علي رضا سدپارا جي پٺي واري هڏي ۽ چيلهه جون هڏيون ٽٽي پيون آهن. هن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ مڪمل مفلوج بڻيل آهي، اسين سندس زندگي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button