
پي ايس ايل فرنچائيز لاهور قلندر جي دعوت تي پاڪستان آيل انگلينڊ جي اڳوڻي ڪرڪيٽر ڊيرن گف چيو آهي تھ هي پاڪستان ڪرڪيٽ جو بهترين وقت آهي، جيڪا ٽنهي فارميٽس ۾ پرفارم ڪري پئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ ٽيسٽ ۾ پاڪستان جي سٺا بيٽر آهن، ڪپتان بابراعظم ۾ ٽيلنٽ قدرتي ۽ شاندار آهي.