اسلام آباد

بلاول ڀٽو زرداري 2 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي چين پهچي ويو

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سرڪاري دوري تي چين پهچي ويو آهي. ايڪسپريس نيوز موجب بلاول ڀٽو زرداري چيني پرڏيهي وزير وانگ زي جي خصوصي دعوت تي 2 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي چين پهچي ويو آهي. مملڪتي پرڏيهي وزير حنا رباني کر ۽ پرڏيهي وزارت جا عملدار به ان سان گڏ هئا. ان حوالي سان پرڏيهي آفيس جو چوڻ آهي ته پرڏيهي وزير پنهنجي چيني هم منصب سان وسيع مشاورت ڪندو، ٻئي پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي تعاون تي خصوصي ڌيان سان گڏوگڏ ٻه طرفي لاڳاپن جي سمورن پهلوئن جو جائزو ورتو ويندو. ترجمان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن ۾ پاڪ چين اقتصادي راهداري تي اڳڀرائي، بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو فليگ شپ پروجيڪٽ تي به ڳالهيون ڪيون وينديون، ٻئي ڌريون اهم علائقائي ۽ پرڏيهي معاملن تي وسيع پئماني تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون. ترجمان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو جو دورو، پاڪستنا ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 71هين سالگرهه جي مناسب سان آهي، اسٽيٽ ڪائونسلر وانگ زي بلاول ڀٽو زرداري کي پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد جو خط لکيو هو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن ان کان پهرين 11 مئي 2022ع تي ورچوئل گڏجاڻي پڻ ڪئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button