اسلام آباد

شيرين مزاري گرفتار، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آزاد ڪري ڇڏيو

اڳوڻي وفاقي وزير ۽ تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر شيرين مزاري کي اسلام آباد ۾ سندس رهائشگاهه جي ٻاهران گرفتار ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ها ڪورٽ رات ساڍا 11 وڳي شنوائي ڪري کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. گڏ ڪيل ڄاڻ موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري اسلام آباد ۾ پنهنجي گهر جي ٻاهران گاڏي ۾ موجود هئي ته ڪوهسار ٿاڻي جي حد ۾ اينٽي ڪرپشن پنجاب ۽ اسلام آباد پوليس جي اهلڪارن کيس گرفتار ڪري ورتو آهي، ان دوران شيرين مزاري مسلسل مزاحمت ڪندي رهي ۽ سبب پڇندي رهي پر پوليس اهلڪار کيس پنهنجي گاڏي ۾ ويهاري ڪوهسار ٿاڻي کي وٺي ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن پنجاب کي 11 اپريل 2022ع تي پوليس ڪارروائي جي لا خط مليو هو، ميڊيا رپورٽن موجب راڄن پور جي اسسٽنٽ ڪمشنر جي درخواست تي داخل ڪيس جي نقل حاصل ڪئي وئي آهي ۽ هي ڪيس پنجاب اينٽي ڪرپشن اسسٽنٽ ڪمشنر راڄن پور جي هدايتن تي داخل ڪيو آهي. دستاويز موجب شيرين مزاري تي زمين تي غيرقانوني قبضي جو الزام آهي، سندس خلاف مارچ 2022ع تي شڪايت نمبر 1272 داخل ڪئي وئي هئي جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنر راڄن پور کي معاملي جي جاچ جي هدايت ڪئي وئي هئي. ڪيس جي متن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 8 اپريل تي اسسٽنٽ ڪمشنر پنهنجي رپورٽ تيار ڪئي هئي، اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمنٽ پنهنجي رولز مجريه 2014 تحت ڪرمنل ڪيس داخل ڪيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس شيرين مزاري جي ڌيءُ ايمان مزاري جي درخواست تي حڪمنامو جاري ڪيو، عدالت حڪم ڏنو آهي ته گهرو سيڪريٽري يقيني بڻائي ته شيرين مزاري کي اڄ رات ساڍي يارهين وڳي پيش ڪيو وڃي، حڪمنامي ۾ گهرو سيڪريٽري، آءِ جي اسلام آباد ۽ ڊپٽي ڪمشنر کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. هوڏانهن پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز شريف تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ شيرين مزاري کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، حمزه شهباز چيو آهي ته شيرين مزاري اسان لاءِ قابلِ احترام آهي، کيس فوري طور آزاد ڪيو وڃي، اسان نٿا چاهيون ته ڪنهن عورت کي اهڙي ريت گرفتار ڪيو وڃي. هوڏانهن رات ساڍا 11 بجي تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ شيرين مزاري کي اسلام آباد ها ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو، شيرين مزاري کي عورت پوليس اهلڪارن عدالت ۾ آندو، عدالتي ڪمري ۾ شيرين مزاري سان سندس ڌي ايمان مزاري پڻ گڏ هئي. عدالت پهچڻ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شيرين مزاري چيو ته منهنجي گرفتاري ۾ ن ليگ ۽ راڻا ثنا الله ملوث آهي، مون کي وارنٽ نه ڏيکاريو ويو، گاڏي ۾ گهليو ويو، لاهور کڻي وڃي رهيا هئا. هن چيو ته منهنجو ڪيس جبري گمشدگي وارو ڪيس آهي، مونسان جيڪو ڪجهه ٿيو آهي اهو عدالت کي ٻڌائيندس. اسلام آباد ها ڪورٽ ۾ جسٽس اطهر من الله، شيرين مزاري جي مبينا اغوا خلاف ڪيس جي شنوائي ڪئي. شيرين مزاري عدالت ۾ بيان ڏنو ته ڏينهن جو ڏيڍ وڳي منهنجي گاڏي کي روڪيو ويو، پوليس اهلڪارن چيو ته گاڏي کان ٻاهر اچو توهان سان ڪجهه ڳالهائڻو آهي، عورت پوليس اهلڪارن مون کي گاڏي کان گهلي ٻاهر ڪڍيو، موٽر وي تي آندو ويو، کين ٻڌايو ته 70 سال عمر آهي، بيمار آهيان، هڪ ڊاڪٽر آيو ۽ چيو ته توهان جو چيڪ اپ ڪرڻو آهي ته توهان سفر جي قابل آهيو يا نه، منهنجي انڪار تي گاڏي روڪي واپس موڙي وئي. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته هر حڪومت جو ردعمل مايوس ڪندڙ رهيو، پي ٽي آ جو ڪوبه ميمبر اڃا تائين ڊي نوٽيفا ناهي ٿيو، اسپيڪر جي اجازت کان سوا گرفتاري نه ٿي ٿي سگهي، عدالت آئين تي هلندي آهي، آ جي کي ذميواري کڻڻي پوندي، اهو نه ٿو چئي سگهان ته رجسٽرار ذميوار آهي. آ جي اسلام آباد چيو ته اڄ ئي عهدي جي چارج سنڀالي آهي. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته اڄ تائين مطيع الله جان ڪيس جي جاچ ناهي ٿي، توهان ٻڌايو ته هن ڪيس جي جاچ ڪير ڪندو؟ چيف جسٽس چيو ته اهو افسوسناڪ واقعو آهي، پر جڏهن توهان حڪومت ۾ هئا ته ان وقت وڌيڪ وڏا واقعا پيش ٿيا، عدالت مسنگ پرسن ڪيس جي شنوائي ڪندي رهي پر حڪومت ڪجهه نه ڪيو، سياسي ليڊرشپ کي ويهي سوچڻ گهرجي، آئين جو احترام نه ٿيڻ تي ائين ئي ٿيندو. ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد چيو ته قانوني گهرجون پوريون نه ٿيڻ جي صورت ذميوارن کي سزا ڏني ويندي، شيرين مزاري استيعفى ڏئي چڪي آهي. چيف جسٽس چيو ته ڀلي استيعفى ڏئي چڪي آهي پر ان کي ڊي نوٽيفا ناهي ڪيو ويو. اسلام آباد ها ڪورٽ شيرين مزاري کي آزاد ڪندي سندس گرفتاري تي وفاقي حڪومت کي جوڊيشل انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ها ڪورٽ چيو ته حڪومت جوڊيشل ڪميشن جوڙي ان جا ٽي او آرز عدالت ۾ جمع ڪرائي، ظاهري طور تي شيرين مزاري کي غيرقانوني طور تي حراست ۾ ورتو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button