اسلام آباد

تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون،ڇاپا، 247 گرفتار

اسلام آباد:تحريڪ انصاف چيئرمين عمرن خان طرفان لانگ مارچ جي اعلان کانپوءِ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن، عهديدارن ۽ اڳواڻن خلاف ڪريڪ ڊائون ۾ 247 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. حڪومت گرفتار اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي 16 ايم پي او تحت جيل اماڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. رپورٽ مطابق تحريڪ انصاف چيئرمين عمرن خان طرفان لانگ مارچ جي اعلان کانپوءِ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا هنيا. لاهور ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ميان محمودالرشيد کي گرفتار ڪيو ويو، تحريڪ انصاف پنجاب جي صدر شفقت محمود جي گهر تي ڇاپو هنيو ويو پر هو موجود نه هو. اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد جي لال حويلي تي راولپنڊي ۾ ڇاپو هنيو ويو پر شيخ رشيد ۽ سندس ڀائيٽو ايم اين اي راشد شفيق نه مليا. هوڏانهن ڪراچي ۾ پوليس تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ ايم اين اي سيف الرحمان محسود جي گهر تي ڇاپو هڻي کيس حراست ۾ ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button