اسلام آباد

عمران خان اسلام آباد پهچي ويو, چونڊن جي اعلان تائين ڊي چوڪ تان نه اٿڻ جو اعلان

تحريڪ انصاف جو سربراهه ۽ اڳوڻو وزيراعظم عمران خان “حقيقي آزادي مارچ” جي اڳواڻي ڪندي ڪارڪنن جي وڏي انگ سان گڏ اسلام آباد پهچي ويو. هن اعلان ڪيو آهي ته نين چونڊن جي تاريخ جي اعلان تائين ڊي چوڪ تان نه اٿنداسين. ٻئي پاسي پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن خلاف سڄو ڏينهن ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو، لاهور، اسلام آباد ۽ راولپنڊي جنگ جو ميدان بڻيل رهيا، پوليس طرفان شيلنگ باوجود ڪارڪن ڊي چوڪ پهچڻ تي ڪامياب ٿي ويا. ان سلسلي ۾ گڏ ڪيل ڄاڻ موجب تحريڪ انصاف جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پاران اعلانيل آزادي حقيقي مارچ خيبرپختونخوا جي علائقي صوابي کان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي قيادت ۾ اسلام آباد لا روانو ٿيو، صوابي کان اڳتي نڪري پنجاب جي حدن ۾ داخل ٿيندي ئي پوليس طرفان قافلي تي شيلنگ ڪئي وئي، قافلو اٽڪ پل تي پهتو ته پنجاب پوليس طرفان ڪارڪنن تي شيلنگ ڪئي وئي. لانگ مارچ شروع ڪرڻ کان اڳ صوابي انٽرچينج تي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان ڊي چوڪ ڏانهن وڃي رهيا آهيون، اسان کي ڪير به روڪي نه سگهندو. عمران خان چيو ته اسان جو لانگ مارچ پرامن آهي، سموريون رڪاوٽون پار ڪري اسلام آباد ڊي چوڪ پهچنداسين.

هن چيو ته هر هنڌ اسان جي ماڻهن کي روڪيو پيو وڃي ۽ رات دير سان ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، رات جو اسان جي ڪارڪنن کي گهرن ۾ گهڙي پڪڙيو ويو ۽ عورتن کي حراسان ڪيو ويو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته جڏهن ڊيزل لانگ مارچ ڪري رهيو هو، بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز به روڊن تي نڪتا هئا ته اسان ڪابه رڪاوٽ نه وڌي، ڇاڪاڻ ته اسان عوام کان ڊڄڻ وارا ناهيون، عوام جو آهي پر انهن کي عوام جو خوف آهي ته اهي گذريل ٽن ڏهاڪن کان ملڪ جا پئسا چوري رهيا آهن. عمران خان چيو ته صوابي انٽرچينج تان حڪومت کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته توهان جيڪي به رڪاوٽون وجهندا سڀ رڪاوٽون پار ڪري اسلام آباد ڊي چوڪ تي پهچنداسين. هن چيو ته اسان جو احتجاج پرامن هوندو، جيڪو هميشه ٿيندو رهيو آهي، اسان هميشه قانون جي دائري ۾ رهي پرامن احتجاج ڪيو آهي، تنهن ڪري مان عدالتن کان به پڇان ٿو ته ڪهڙي قانون تحت اسان کي روڪي رهيا آهيون، اهو اسان جو آئيني حق آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان هن ملڪ کي متحد ڪري ان کي هڪ قوم بڻائڻ وارا آهيون، اها آزاد قوم هوندي، جيڪا ڪڏهن به ڪنهن جي غلام نه ٿيندي، جيڪا آمريڪا جي غلامي ۽ امپورٽڊ حڪومت کي قبول نه ڪندي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مان سڄي پاڪستان کي چوان ٿو ته اڄ توهان کي ڇڏڻو پوندو ۽ ملڪ جي حقيقي آزادي لاءِ اسان جي عورتن، ٻارن، نوجوانن، اسان جي وڪيلن، رٽائرڊ سپاهين کي هن ملڪ جي لا ٻاهر نڪرڻو پوندو. عمران خان پنهنجي ان عزم کي ورجايو آهي ته هو ۽ سندس حمايتي اسلام آباد ۾ ڊي چوڪ کي ان وقت تائين خالي نه ڪندا، جيستائين “امپورٽيڊ حڪومت” نئين چونڊن جي حتمي تاريخ نه ڏيندي. حسن ابدال ۾ پنهنجي مختصر قيام دوران شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اسان جلد اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي پهچنداسين، اسان سان گڏ ماڻهن جو سمنڊ آهي، ڊي چوڪ تي موجود ماڻهو اتي منهنجو انتظار ڪن، مان اتي اچي رهيو آهيان، شيلنگ ڪندڙ پوليس اهلڪار جڏهن اسان کي ڏسندا ته سمجهي ويندا ته هي ماڻهو جهاد ڪرڻ اچي رهيا آهن، سياست ڪرڻ نه پر جهاد ڪرڻ آيا آهيون. عمران خان چيو ته جيستائين امپورٽ حڪومت کان نئين چونڊن جي تاريخ نه ملندي تيستائين اتان نه اينداسين. نجي ٽي وي موجب پوليس عمران خان جي رهائشگاهه کان ڪجهه ڪلوميٽر پري بني گالا ۾ نيازي چوڪ کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي. اسلام آباد پوليس نيازي چوڪ تي چيڪ پوسٽ قائم ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته پنجاب پوليس جي 2 هزار اهلڪارن کي مقرر ڪيو آهي. رات دير تائين اسلام آباد ۾ ڊي چوڪ تي موجود پي ٽي آ ڪارڪنن خلاف پوليس پاران ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي شيلنگ جو سلسلو جاري رهيو. عمران خان قادلي جي صورت ۾ اسلام آباد جي حدن ۾ داخل ٿيڻ بعد سپريم ڪورٽ جي هدايتن تي حڪومت پاران ڏنل 2 جاين بدران ڊي چوڪ پهچي ويو،

قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي قيادت ۾ ريلي ڊي چوڪ پهتي ته پوليس مٿن ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي شيلنگ ڪئي، ان دوران مظاهرين شيلنگ جي اثرن کان بچڻ لا روڊ ڪناري بيٺل وڻن کي باهيون ڏنيون. لاهور کان اسلام آباد ويندڙ پاڪستان تحريڪ انصاف جي قافلن ۽ لاهور پوليس وچ ۾ سڄو ڏينهن شهر جنگ جو ميدان رهيو، پوليس ڪيترن ئي مرڪزن تي ڇاپا هڻي تحريڪ انصاف جي اڳواڻن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ڪجهه اڳواڻن کي جيل اماڻيو ويو. پوليس طرفان رڪاوٽن ۽ ڪنٽينرن جي باوجود تحريڪ انصاف جا ڪارڪن راوي پل پار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، پوليس طرفان قافلن کي روڪڻ جي لا ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل فائر ڪيا ويا، جڏهن ته شديد لٺبازي پڻ ڪئي وئي، جنهن جي جواب ۾ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن پوليس تي پٿرا ڪيو جنهن سان ڪيترين ئي گاڏين جا شيشا ٽٽي پيا. لاهور جي بتي چوڪ تي پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ پوليس جي ڪارڪنن ۾ جهڙپون ٿيون، پي ٽي آ ڪارڪنن مارچ ۾ شرڪت جي لا رستن تي رکيل رڪاوٽون هٽائڻ شروع ڪيون ته پوليس شيلنگ ڪري ڏني، جهڙپن دوران پوليس ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري وئي. منجهند ڌاري پوليس ايوان عدل جي سامهون ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو ٻيهر استعمال شروع ڪيو، پوليس آزادي ماچ ۾ شرڪت لا بس ۾ سوار 50 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي قيدين واري وين ۾ منتقل ڪيو. پوليس طرفان بسن تي لٺيون ۽ پٿر پڻ هنيا پيا، جڏهن ته 10 کان 12 ڪارڪن کي به نقصان پهتو. پوليس جو چوڻ آهي ته قلم 144 جي خلاف ورزي تي گرفتاريون عمل ۾ آنديون ويون آهن. لاهور ۾ تحريڪ انصاف جي عورت اڳواڻ عندليب عباس کي پوليس حراست ۾ وٺڻ بعد آزاد ڪري ڇڏيو. لاهور جي ٽمبر مارڪيٽ ويجهو پوليس اڳوڻي صوبائي وزير ياسمين راشد جي گاڏي روڪي، ان دوران سخت جملن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان دوران ڊاڪٽر ياسمين راشد جي گاڏي جي ونڊ اسڪرين ٽٽي پئي ۽ هٿن تي شيشا لڳا. ڪراچي جي علائقي نمائش چورنگي تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي احتجاج دوران صورتحال سخت ڇڪتاڻ واري ٿي وئي، جنهن دوران پوليس ۽ ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڪارڪن زخمي ٿي پيو، جڏهن ته پوليس پاران ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا فائر ڪيا ويا ۽ ڪارڪنن پاران پٿرا ڪيو ويو. احتجاج ۽ جهيڙي دوران قيدين کي کڻي ويندڙ پوليس وين کي به باهه ڏني وئي، جڏهن ته علي زيدي سميت پي ٽي آءِ اڳواڻ به موقعي تي موجود هئا ۽ نمائش چوڪ تي ڌرڻو هنيو. ان کان پهرين ڪراچي جي ڪيترن ئي رستن کي مختلف سبب ڄاڻائي بند ڪيو ويو هو. گجرانوالا ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ پوليس وچ ۾ جهڙپون ٿيون، پوليس خانڪي هيڊ ورڪس وٽ رڪاوٽون وجهي ڪارڪنن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر مظاهرين زبردستي رڪاوٽون پار ڪري اڳتي هليا ويا. پي ٽي آءِ گوجرانوالا جي جنرل سيڪريٽري طارق گجر موجب قافلي جي 150 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. گجرانوالا ويجهو پوليس پي ٽي آ اڳواڻ حماد اظهر ۽ ڊاڪٽر ياسمين راشد جي قافلن کي روڪيو، ان دوران ٻئي اڳواڻ پنهنجي گاڏي ڇڏي هليا ويا، پوليس ٻنهي اڳواڻن جي گاڏين کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. فيصل آباد ۾ ڪمالپور انٽرچينج تي پوليس ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪن به آمهون سامهون ٿي ويا، واقعي واري هنڌ تي ايس پي مدينه ٽائون ڊويزن ۽ ايس ايڇ او چڪ جھمر راءِ آفتاب پڻ موجود هئا، ڪارڪنن ايف ڊي اي سٽي جي ديوار ڀڃي گاڏيون ٻاهر ڪڍيون، ڪيترن ئي گاڏين جي وڃڻ بعد پوليس حرڪت ۾ آئي، لانگ مارچ کي روڪڻ لا اسلام آباد ۽ راولپنڊي پڻ جنگ جو ميدان بڻيل رهيا، ٻنهي شهرن کي مڪمل سيل ڪيو ويو، سموريون اهم شاهراهون ۽ رستا ڪنٽينر هڻي بند ڪيا ويا، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڳري نفري مقرر رهي، پوليس ڪارڪنن تي ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال ڪندي رهي، ڊي چوڪ، سرينگر ها وي، فيض آباد انٽرچينچ، راولپنڊي ڪميٽي چوڪ ۽ لال حويلي مان وڏي انگ ۾ مظاهرين کي گرفتار ڪيو ويو. فيض آباد انٽرچئينج تي ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي شديد شيلنگ ڪئي وئي ۽ پٿرا ڪيو ويو، راولپنڊي جو مري روڊ پڻ سڄو ڏينهن جنگ جو ميدان بڻيل رهيو، پي ٽي آ ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ جهڙپن دوران ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي شيلنگ ۽ رٻڙ جي گولين جو استعمال ڪيو ويو، ڇڪتاڻ دوران ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو. راولپنڊي مري روڊ تي مريڙ چوڪ کان فيض آباد تائين تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ جهڙپن جو سلسلو سڄو ڏينهن جاري رهيو، پوليس جي شيلنگ سبب ڪارڪنن گهٽين ۾ ڊوڙندا رهيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button