اسلام آباد

عدليه، فوج گڏجي ويهي مسئلي جو مستقل حل ڪڍن: چوڌري شجاعت

مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين ملڪ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ موجوده حالتون پهرين ڪڏهن به نظر نه آيو، اهڙي سنگين صورتحال ۾ پاڪستان جي سلامتي جي ضامن 2 وڏن ادارن عدليه ۽ فوج گڏجي ويهي مسئلي جو مسقل حل ڪڍڻ گهرجي. پنهنجي بيان ۾ چوڌري شجاعت چيو ته حڪومتي طاقتون ۽ سياسي پارٽيون جهڙي پاسي وڃي رهيون آهن، ان سان ملڪ ۾ افراتفري ۽ لاقانونيت وڌندي، پاڪستان جون معاشي حالتون انتهائي سنگين ٿي ويون آهن، وڌندڙ قيمتن سان عام ماڻهن جو جيئڻ پهرين ئي ڏکيو بڻجي ويو آهي، ائين نه ٿئي جو خدانخواسته مرڻ به ڏکيو ٿي وڃي، سمورو ملڪ بند هئڻ سبب کائڻ پيئڻ جي شين جي کوٽ پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي، آمدورفت جو نظام مڪمل طور تي مفلوج آهي، ايمبولنس کي به رستو نه پيو ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button