قومي اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي ملڪي سلامتي ۽ پاڪ فوج بابت بيان خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو ويو. وفاقي وزير سردار اياز صادق قومي اسيمبلي ۾ عمران خان خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو. ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته پاڪ فوج جون دفاع لاءِ نه وسارڻ جوڳيون خدمتون آهن، هي ايوان پي ٽي آءِ چيئرمين جي انٽرويو ۽ لفظن جي سخت مذمت ڪري ٿو. ٺهراءَ موجب اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسٽيبلشمينٽ درست فيصلا نه ڪيا ته پاڪستان ٽي ٽڪرا ٿي ويندو، ايوان عمران خان جي بيان جي مذمت ڪري ٿو، پاڪ فوج دهشتگردي خلاف عظيم قربانيون ڏنيون آهن، هي ايوان پاڪ فوج کي ڀيٽا پيش ڪري ٿو. ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو ته رياست اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري. اياز صادق جو چوڻ هو ته پاڪ فوج دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪيترين ئي جانين جو نذرانو پيش ڪيو، عمران خان جو اقتدار ڇا ويو، روز نئين ڳالهه ٿو ڪري. هن چيو ته خبر ناهي ته عمران خان دنيا ۾ ڪنهن ڪنهن کي راز ڏنا هوندا، لڳي ٿو پاڪستان خلاف جيڪي نقشا ٺاهيا ويا، انهن ۾ به اهي شامل هئا، عمران خان پاڪستان جي ٽن ٽڪرن جي ڳالهه ڪري ان جي تائيد ڪئي آهي، ملڪ ۾ ايٽمي پروگرام جو بنياد ذوالفقار علي ڀٽو رکيو ۽ ان کي نواز شريف پورو ڪيو. اجلاس دوران جي ڊي اي ميمبرن غوث بخش مهر ۽ سائره بانو عمران خان خلاف قرارداد جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته هينئر تائين جنهن به ملڪ ۽ فوج خلاف ڳالهايو آهي انهن سڀني جا نالا مذمتي قرارداد ۾ شامل ڪيا وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close