وزيراعظم جي چونڊ دوران ووٽنگ جي عمل جي بائيڪاٽ ۽ استعيفائن جي معاملي تي تحريڪ انصاف ۾ اختلاف سامهون اچي ويا.ذريعن موجب تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبرن سوال اٿارڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ استعيفائن بابت پارٽي جي فيصلي تي خدشا ظاهر ڪيا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف جا اڪثريتي قومي اسيمبلي ميمبر واپسيءَ جا خواهشمند آهن ۽ ميمبرن جو مطالبو آهي ته ووٽنگ جي بائيڪاٽ ۽ استعيفائن جي تجويز ڏيندڙ شخصيت کي سامهون آندو وڃي. ميمبرن جو چوڻ آهي ته پارٽي کي غلط صلاحون ڏئي سياسي ساک کي نقصان پهچايو ويو، اسان کي قومي اسيمبلي ۾ واپس وڃي حڪومت کي ٽف ٽائم ڏيڻ گهرجي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ جو چيف وهب عامر ڊوگر به ووٽنگ جي بائيڪاٽ جي صلاح ڏيندڙ کان لاعلم آهي. عامر ڊوگر جو موقف آهي ته بائيڪاٽ نه ڪيو وڃي ها ته راجا رياض ۽ ٻيا باغي ميمبر ڊي سيٽ ٿي چڪا هجن ها. ذريعن جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف ميمبرن پارلياماني پارٽي اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو ۽ چيو آهي ته پارلياماني پارٽي اجلاس گهرائي سڀني کي موقف پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي، سياسي آپگهات ڪيو ويو، ايندڙ چونڊن ۾ ڪير ووٽ ڏيندو؟
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close