قومي اسيمبلي جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف پنهنجي چيمبر ۾ سڄو ڏينهن تحريڪ انصاف جي ميمبرن جي استيعفى جي تصديق جي لا انتظار ڪندو رهيو پر تحريڪ انصاف جا قومي اسيمبلي ميمبر نه پهتا. ايڪسپريس نيوز موجب تحريڪ انصاف جي 30 اسيمبلي ميمبرن ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد استيعفى جي تصديق جي لا قومي اسيمبلي نه آيا، اسپيڪر راجا پرويز اشرف 5 ڪلاڪن تائين انتظار ڪندو رهيو. ذريعن موجب اسپيڪر صبح 11 وڳي کان شام 4 وڳي تائين پي ٽي آ ميمبرن جو انتظار ڪندو رهيو، ان دوران پنهنجي چيمبر ۾ موجود رهيو. اسپيڪر هر پي ٽي آ ميمبر لا 5 منٽ مقرر ڪيا هئا ۽ تصديق لا پي ٽي آ جي 30 ميمبرن کي گهرايو هو پر ڪوبه ميمبر پيش نه ٿيو، اسپيڪر قومي اسيمبلي استيعفى جي تصديق لا 10 جون جي ڊيڊ لائين مقرر ڪئي آهي، ذريعن موجب مقرر وقت بعد اسپيڪر قومي اسيمبلي استيعفى بابت پنهنجو فيصلو ڪندو. واضح رهي اسپيڪر ميمبرن کي استعيفى جي تصديق لا گهرايو هو پر ميمبر نه پهتا، ان کان اڳ تحريڪ انصاف جي ميمبرن اسپيڪر آڏو پيش نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close