اسلام آباد

گهر گهر تصديق دوران ساڍا 9 لک ووٽرز جي تصديق نه ٿي: اليڪشن ڪميشن

اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته آڪٽوبر تائين ملڪ ۾ چونڊون ڪرائي سگهجن ٿيون. نئين آدمشماري ٿيڻ جي صورت ۾ نيون تڪبنديون ضروري هونديون، چونڊون آگسٽ 2023ع ۾ ممڪن ٿي سگهنديون. نظرثاني کان پوءِ حتمي چونڊ فهرستون 12 آگسٽ تي شايع ڪيون وينديون. شهري 4 جولاءِ تائين ووٽ جي درستگي ڪرائي سگهن ٿا. هن وقت جاري تڪن جو ڪم پڻ آگسٽ ۾ مڪمل ٿيندو. گذريل ڏينهن اليڪشن ڪميشن ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن عمر حميد خان چيو ته اليڪشن ڪميشن آزاد ۽ خودمختيار ادارو آهي، آزاداڻي، شفاف ۽ منصفاڻي چونڊن لاءِ درست ۽ قابل اعتماد چونڊ فهرستون ضروري آهن. اليڪشن ايڪٽ 2017ع تحت صرف عارضي يا مستقل ايڊريس تي ووٽ داخل ڪرائي سگهجي ٿو. اليڪشن ڪميشن آڪٽوبر 2021ع ۾ چونڊ فهرستن تي نظرثاني جو ڪم شروع ڪيو، گهر گهر وڃي تصديقي عمل 7 نومبر کان 31 ڊسمبر تائين مڪمل ڪيو ويو. هن چيو ته گهر گهر تصديقي عمل دوران 9 ڪروڙ 84 لک ووٽرن جي عارضي يا مستقل ايڊريس جي تصديق ٿي. ان دوران 40 لک ماڻهو فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي. 9 لک 50 هزار ووٽرز جي تصديق نه ٿي، جن جي تصديق نه ٿي انهن کي مستقل پتي تي رجسٽرڊ ڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن غير حتمي چونڊ فهرستون ڊسپلي سينٽرن تي لڳايون ويون، چونڊ فهرستن جي غيرحتمي فهرست ۾ 12 ڪروڙ 4 لک 82 هزار 302 ووٽر رجسٽرڊ آهن. سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چيو ته اليڪشن ڪميشن آدمشماري جي حتمي رپورٽ تي تڪبنديون ڪرائي رهي آهي، تڪبنديون آگسٽ ۾ مڪمل ٿينديون. اليڪشن ڪميشن آڪٽوبر ۾ عام چونڊن لاءِ مڪمل تيار هوندي. جيڪڏهن نئين آدمشماري ٿي ته 31 ڊسمبر تائين ان جي رپورٽ اچڻ ضروري آهي. نئين آدمشماري جي صورت ۾ نيون تڪبنديون ضروري هونديون. 31 ڊسمبر تائين رپورٽ اچي وئي ته آگسٽ 2023ع ۾ چونڊون ڪرائي سگهون ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين لاءِ پراجيڪٽ مينجمينٽ يونٽ ڪم ڪري رهيو آهي، حڪومت ڪهڙي به هجي اليڪشن ڪميشن نئين ٽيڪنالاجي جي استعمال لاءِ ڪم ڪندي رهندي. اي وي ايم جي استعمال لاءِ پائلٽ پراجيڪٽ ڪيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button