اسلام آباد

پيپلزپارٽي کي پنجاب ۾ 5 وزارتون، ٻن صلاحڪارن جا عهدا ملندا

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز ۾ ٿيل ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. ذريعن موجب اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنجاب جي وڏي وزير کان سمورا مطالبا مڃرائي ورتا آهن. ذريعن موجب پيپلز پارٽي کي پنجاب ۾ 5 وزارتون، ٻن صلاحڪارن ۽ ٻن خاص مددگارن جا عهدا ملندا. ذريعن موجب آصف علي زرداري ۽ حمزا شهباز وچ ۾ اسپيڪر پرويز الاهي کي آئيني طريقيڪار تحت هٽائڻ تي به اتفاق ٿي ويو آهي، پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي واري رٿ تي پيپلز پارٽي ن ليگ سان مڪمل سهڪار ڪندي. ميڊيائي ذريعن موجب آصف علي زرداري پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر خلاف ڪارروائي لاءِ پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز کي فري هينڊ ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي پنجاب ۾ ننڍي چونڊ ۾ سمورن تڪن تان پنهنجن اميدوارن کان هٿ کڻائيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button