اسلام آباد

ڀارتي سياستدانن جي گستاخاڻي بيان خلاف پنجاب اسيمبليءَ ۾ مذمتي ٺهراءُ منظور

پاڪستان مسلم ليگ جي ايم پي اي خديجه فاروقي پنجاب اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ جمع ڪرايو آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته حضور اڪرمﷺ جي شان ۾ ڀارتي سياستدان جي گستاخاڻي بيان جو سخت نوٽيس ورتو وڃي، هن ٺهراءُ جمع ڪرايو، جنهن ۾ چيو ته هي ايوان ڀارتي سياستدانن طرفان حضور پاڪﷺ جي شان خلاف گستاخاڻن جملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو، مقدس هستين جي شان ۾ گستاخي هڪ عالمي ڏوهه آهي، ڀارت ۾ اقليتن جي مذهبي جذبن ۽ بنيادي انساني حقن جي پائمالي ٿي رهي آهي. مودي حڪومتي دؤر ۾ مذهبي انتهاپسندي ۽ جنونيت انتها تي پهتي آهي. هي ايوان مطالبو ڪري ٿو ته حضور اڪرمﷺ جي شان ۾ گستاخي جو معاملو گڏيل قومن ۾ اُٿاريو وڃي ۽ عالمي فورم تي ان توهين آميز رويي تي مذمت ٿيڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button