پاڪستان ون ڊي سيريز جي ٻئي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي 120 ڏينهن تان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي. پاڪستان جي 276 رنسن جي هدف ۾ ويسٽ انڊيز جي بيٽنگ لائين واري جي ڀت ثابت ٿي ۽ پوري ٽيم 33هين اوور ۾ 155 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. شامار بروڪس 42 ۽ ڪائيل مئيرز 33 رنسون ٺاهيون. ملتان جي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ميچ دوران پاڪستان ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 50 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 275 رنسون ٺاهيون، بابر اعظم 77 ۽ امام الحق 72 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ان کان علاوه خوشدل ۽ شاداب خان 22-22 رنسون، فخر زمان 17، محمد رضوان 15 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا، آخري اوور ۾ محمد وسيم 17 ۽ شاهين آفريدي 15 رنسن سان ڪريز تي موجود رهيا. ويسٽ انڊيز طرفان عقيل حسين 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، جڏهن ته الزاري جوزف ۽ اينڊرسن فلپ 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون. پاڪستان طرفان محمد نواز شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي 19 رنسن عيوض 4 وڪيٽون ورتيون. محمد وسيم 3 ۽ شاداب خان 2 وڪيٽون ورتيون، شاهين شاهه آفريدي جي حصي ۾ هڪ وڪيٽ آئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close