اسلام آباد

پيٽرول ۽ ڊيزل تي سبسڊي ختم نه ڪئي ته ملڪ ڏيوالو ٿي ويندو: ناڻي وزير

ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل هڪ ڀيرو ٻيهر خبردار ڪيو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو ويندو. آ ايم ايف چيو آهي ته پيٽرول تي سبسڊي ختم ڪئي وڃي، جيڪڏهن پيٽرول جي قيمت نه وڌائي ته آ ايم ايف اسان سان معاهدو نه ٿيندو، جيڪڏهن جولا تائين پيٽرول ۽ ڊيزل تي سبسڊي ختم نه ڪئي ته ملڪ ڏيوالو ٿي ويندو. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ۽ پوسٽ بجيٽ سيمينار کي خطاب ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو ته وزيراعظم کي چيو آهي ته اسان کي سخت فيصلا ڪرڻا پوندا، پيٽرول جي قيمت وڌائڻ تي وزيراعظم سخت ناخوش آهي، منهنجي طرفان سمري ويندي آهي ۽ وزير مون تي تنقيد ڪندا آهن، جيڪڏهن اسان قيمتون نه وڌايون ته آ ايم ايف اسان سان معاهدو نه ڪندو، جيڪڏهن اسان سخت فيصلا نه ڪيا ته تباهي ٿيندي. ناڻي واري وزير چيو ته پيٽرول تي 19 رپيا ۽ ڊيزل تي 53 رپيا سبسڊي ڏئي رهيا آهيون، سريلنڪا ۾ به تمام گهڻي سبسڊي ڏني وئي ۽ هو ڏيوالو ٿي ويو، اڄ سريلنڪا مهانگو پيٽرول ۽ ڊيزل خريد ڪري رهيو آهي، هاڻ اتي دوائون نه ٿيون ملن. هن چيو ته جيڪو به وزيراعظم ٿيندو آهي ان کي دوستن وٽ وڃڻو پوندو آهي، ڪيستائين اسان دوستن جي پئسن تي هلنداسين، بجلي جو گردشي قرض وڌيو ته سسٽم ويهجي ويندو، ڪوئلي جي انٽرنيشل قيمت 20 سالن کان 50 ڊالر کان وڌيڪ نه ٿي هئي هاڻ ڪوئلي جي قيمت 300 ڊالرن کان وڌيڪ آهي، جيڪڏهن جولا تائين پيٽرول ۽ ڊيزل تي سبسڊي ختم نه ڪئي ته ملڪ ڏيوالو ٿي ويندو. هن چيو ته نيپرا اڃا به 5 مهينا پراڻي فيول ڪاسٽ تي بجلي جي اگهه جا فيصلا ڪري رهيو آهي، لڳي ٿو ته ملڪ رڳو اميرن جي لا ٺهيو آهي، ڪراچي ۽ لاهور ۾ سمورن اميرن جا ٻار صرف هڪ اسڪول ۾ پڙهندا آهن، ملڪ ۾ پهريون ڀيرو اميرن تي ٽيڪس هنيو آهي، بجيٽ ۾ 30 ڪروڙ کان وڌيڪ ڪمائيندڙن تي 2 سيڪڙو ٽيڪس هنيو آهي. مفتاح اسماعيل چيو ته تحريڪ انصاف آ ايم ايف سان ڳالهائيندي ڪجهه هئي ۽ ڪندي ڪجهه ٻيو هئي، آ ايم ايف سان ڳالهيون ٿي رهيون آهي، پي ٽي آ، آ ايم ايف سان بهتر معاهدا نه ڪيا، آ ايم ايف سان جلد معاهدو ٿي ويندو پو شيون بهتر ٿيڻ شروع ٿينديون. هن چيو ته منهنجو مقصد آ ايم ايف جي خوشنودي حاصل ڪرڻ ناهي، هن وقت آ ايم ايف پروگرام ۾ وڃڻ ضروري آهي. هن چيو ته چين مان جيڪڏهن پئسا اچي ويندا ته اعتماد بحال ٿيندو، دوست ملڪن جي پئسن سان ملڪ نه هلندو، ملڪ ۾ اسٽرڪچرل مسئلا آهن، ڪي اليڪٽرڪ جي ماڻهن سان ملاقات ڪئي، اڄ به اهي ئي ڳالهيون ڪري رهيا هئا جيڪي 4 سال پهرين ڪري رهيا هئا. هن چيو ته مهانگائي جي شرح 25 کان 30 سيڪڙو تائين نه ويندي، يوڪرين جي جنگ جي ڪري دنيا ۾ تيل ۽ ڪڻڪ تمام گهڻي مهانگي ٿي وئي آهي، عمران خان کي يقين هو ته هو وڃڻ وارو آهي، ان ڪري هن ڊگهي شارٽ کيڏي، 2، 3 مهينن ۾ مهانگائي جو مسئلو ڪنٽرول ڪري وٺنداسين. هن چيو ته 4 سال پهرين گردشي قرض 503 قرب رپيا هو اڄ 2500 ارب آهي، بجيلي جي شعبي ۾ نقصان جا ڪيترائي سبب آهن، 4 اڪائونٽنٽس کي ويهارينداسين ته اهي مسئلا 3 ڏينهن ۾ حل ٿي ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button