رانديون

فيفا ورلڊ ڪپ قطر ۾ ٿيڻ ۽ موسم جي چونڊ تي تنقيد

فيفا ورلڊ ڪپ پهريون ڀيرو عرب ملڪ قطر ۾ ٿيڻ ۽ ايونٽ دوران موسم جي چونڊ تي تنقيد ٿي رهي آهي. ميڊيا مطابق فٽبال ورلڊ ڪپ هلندڙ سال 21 نومبر کان 18 ڊسمبر تائين قطر ۾ ڪرائڻ تي ماهرن اعتراض واريو هو، ڇاڪاڻ تھ ورلڊ ڪپ جي مقابلن سبب اسپين جي لاليگا، انگلينڊ جي چيمپيئنز ٽرافي ۽ اٽلي سيري آ فٽبال ليگس معطل ٿي ويون آهن، جن تي نھ رڳو وڏو پيسا لڳندو آهي، پر ميزبانن کي وڏي آمدني پڻ ٿيندي آهي.

فيفا ورلڊ ڪپ جو امڪاني ميدان

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ جون يا جولائي ۾ قطر ۾ گرمي پد 40 کان 50 ڊگري ٿيڻ ڪري قطر ايئرڪنڊيشنڊ اسٽيڊيم جي آڇ ڪئي، پر ان کي رد ڪيو ويو، جنهن بعد ٿڌي موسم جي چونڊ ٿي. جڏهن تھ قطر 2010ع ۾ فيفا گورننگ باڊي ۾ آسٽريليا، جاپان، ڏکڻ ڪوريا ۽ آمريڪا کي ٻولي ۾ شڪست ڏئي قطر ميزباني ماڻي هئي، تنهنڪري پهريون ڀيرو عرب ملڪ ۾ ايونٽ ٿيندو. هوڏانهن قطر تي 37 لک ڊالر ڏئي ميزباني وٺڻ جا الزام بھ لڳا، جنهن جي جاچ ڪرڻ بعد قطر کي ڪليئر قرار ڏنو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button