رانديون

پاڪستان جي نور زمان ايشين جونيئر اسڪواش چيمپيئن شپ کٽي ورتي

پاڪستان جي نور زمان ايشين جونيئر اسڪوائش چيمپيئن شپ کٽي ورتي آهي. ميڊيا مطابق ٿائيلينڊ جي شهر ڪرايا ۾ کيڏيل بوائز انڊر 19 جي فائنل دوران اڳوڻي برٽش اسڪواش چيمپيئن قمر زمان جي پوٽي نور زمان ملائشيا جي رانديگر جواچم چوها کي هڪ جي ڀيٽ ۾ 3 پوائينٽس تان شڪست ڏني آهي. جڏهن تھ نور زمان فائنل کٽي ملڪ کي گولڊ ميڊل ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ ان سان گڏ پاڪستان 4 سالن بعد چيمپيئن شپ ماڻي ورتي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ايونٽ ۾ کيڏندڙ پاڪستان جا 7 ڇوڪرا ۽ 5 ڇوڪريون شڪست کائي نڪري چڪا هئا، جنهن بعد اسڪواش رانديگر نور زمان ڪاميابي ماڻي ملڪ جو مان رکيو آهي. هن ايونٽ ۾ ملائشيا بوائز انڊر 13، بوائز انڊر 15، گرلز 17 ۽ گرلز انڊر 19 گرلز ۾ ڪاميابي ماڻي ۽ ڀارت بھ هڪ ميڊل کنيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button