اسلام آباد

حڪومت تحريڪ طالبان سان ڳالهين جو معاملو ايوان ۾ آڻي: رباني

سينيٽ ۾ مخالف ڌر بجيٽ کي آءِ ايم ايف جي بجيٽ قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو ۽ نيب قانون ۾ تبديلي خلاف ڪارو ڏينهن ملهائيندي اپوزيشن ميمبرن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي شرڪت ڪئي. سينيٽ جو اجلاس چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ ٿيو، مخالف ڌر جي اڳواڻ شهزاد وسيم چيو ته نيب جي قانون جو قتل عام ڪيو ويو، اڄ ملڪ ۾ ڪارو ڏينهن آهي، اسان احتجاجن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي آيا آهيون پر هنن اکين تي ڪاريون پٽيون لڳايون آهن. هن چيو ته اڄ اين آر او 2 پيدا ٿيو آهي، فيٽف بل تي انهي حوالي سان اين آر او گهريو هو. مخالف ڌر جي اڳواڻ جي تقرير دوران اپوزيشن جي ٻين ميمبرن گوڙ ڪيو. رضا رباني چيو ته حڪومت پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان سان ڳالهين کي ايوان ۾ آڻي، عارضي جنگبندي جي ڳالهه ڪئي وئي، هڪ دهشتگرد گروپ پنهنجون سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن، فيصلا بند دروازن پٺيان نه ٿيڻ گهرجن، بچاءَ واري وزير کي ايوان ۾ اچي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي، جرڳا موڪلڻ سٺي ڳالهه آهي پر پارليامينٽ جو متبادل ناهي. قائد ايوان اعظم نذير تارڙ چيو ته اپوزيشن کي محنت ڪرڻ گهرجي ۽ حسد نه ڪرڻ گهرجي، مان اپوزيشن ليڊر کي چئلينج ڪريان ٿو ته نيب ترميمن تي بحث ڪري، اڄ تائين نيب کي استعمال ڪيو ويندو هو، ملڪ جي ٻن وڏين سياسي پارٽين غلطي ڪئي ۽ انهن کي نيب جو ڪارو قانون ختم ڪرڻ گهرجي ها. هن چيو ته سپريم ڪورٽ به چيو هو ته ماضيءَ ۾ نيب کي سياسي پارٽين جي مخالف طور استعمال ڪيو ويو، 85 سيڪڙو اهي ئي ترميمون هيون جيڪي ٽن آرڊيننس ذريعي ڪيون ويون هيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button