رانديون

آ سي سي رينڪنگ، ون ڊي ۽ ٽي-ٽوئنٽي ۾ بابراعظم جي بادشاهي برقرار

دبئي: انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي-ٽوئنٽي ۾ رانديگرن جي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) طرفان جاري ڪيل تازي ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي-20 رانديگرن جي رينڪنگ جي بيٽنگ چارٽ ۾ انگلينڊ جو جو روٽ پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته ون ڊي ۽ ٽي-20 بيٽنگ رينڪنگ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابراعظم پهرين نمبر تي آهي ۽ ٽيسٽ بيٽنگ ۾ بابر اعظم چوٿين نمبر تي آهي.

ون ڊي رينڪنگ موجب بيٽنگ ۾ پاڪستان جو بابراعظم پهرين نمبر تي برقرار آهي، جڏهن ته امام الحق ٻئين نمبر تي آهي، آسٽريليا جو ڊيوڊ وارنر هڪ درجا مٿي چڙهي نائين نمبر تي اچي ويو آهي. ون ڊي بالنگ ۾ نيوزيلينڊ جو ٽرينٽ بولٽ پهرين نمبر تي برقرار آهي، انگلينڊ جو ڪيڪرس ووڪس ٽئين ۽ نيوزيلينڊ جو ميٽ هينري ٽئين نمبر تي آهي. پاڪستاني فاسٽ بالر شاهين آفريدي لسٽ ۾ چوٿين نمبر تي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button