اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آ حڪومت پاران روس کان سستو تيل وٺڻ بابت جاچ ڪرائڻ جو حڪم

اسلام آباد:پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) اڳوڻي حڪومت پاران روس کان سستو تيل خريد ڪرڻ تي جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته پاڪستان اسٽيٽ آئل جي اڳوڻي ايم ڊي ۽ جنرل مئنيجر جا ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته جيڪي ماڻهو ڪرپشن ڪري ڀڳا آهن، انهن جي پراپرٽيز جو تفصيل آڻيو. انهن ماڻهن جي اثاثن جو تفصيل چيڪ ڪري نيب کي ڏنو وڃي. اربع تي پي اي سي جو اجلاس چيئرمين نورعالم خان جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ پي ايف او پاران پيٽرول ۽ ڊيزل جي سپلاءِ بابت 56 ارب رپين جي ضابطي خلاف معاهدن تي بحث ٿيو. ڪميٽي اڳوڻي حڪومت پاران روس کان سستو تيل خريد ڪرڻ تي جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. نورعالم خان سوال ڪيو ته ڇا ڪو معاهدو ٿيو هو؟ ڇا ڪائي رقم ڏني وئي هئي. پي اي سي چيئرمين نور عالم چيو ته پيٽروليم وزارت لکت طور ٻڌائي ته روس کان تيل وٺڻ جي حقيقت ڇا هئي. سينيٽر شبلي فراز چيو ته اسان جي حڪومت روس سان تيل وٺڻ لاءِ ڳالهيون شروع ڪيون هيون. ٻڌايو وڃي ته روس سان ڳالهيون ڪيتري حد تائين اڳتي وڌيون. سينيٽر شبلي فراز سوال ڪيو ته موجوده حڪومت روس کان تيل وٺڻ جي معاملي تي ڇا ڪري رهي آهي. نورعالم خان چيو ته روس سان ڪهڙن دستاويزن جو تيل جي سلسلي ۾ مٽا سٽا ٿي. سينيٽر طلحه محمود گهر ڪئي ته روس کان تيل وٺڻ جي دعويٰ جي جاچ ٿيڻ گهرجي. پي اي سي چيئرمين چيو ته هڪ خط به ميڊيا تي هلندو رهيو آهي، ان کي به ڏٺو وڃي. اجلاس ۾ سيڪريٽري پيٽروليم ڪميٽي کي ٻڌايو ته نعيم يحيٰ مير اڳوڻو ايم ڊي پي ايس او، سينيئر جنرل مئنيجر ذوالفقار جعفري ضابطي جي خلاف معاهدا ڪيا. اجلاس دوران پي اي سي جي چيئرمين هدايت ڪئي ته جن ماڻهن ضابطي خلاف معاهدا ڪيا ۽ ملڪ مان ڀڄي ويا، انهن جا ريڊ وارنت جاري ڪيا وڃن. جيڪي ماڻهو ٻاهرين ملڪ جي شهريت رکن ٿا، اهي ڪرپشن ڪري ڀڄي وڃن ٿا. اهڙن ماڻهن خلاف انهيءَ ڪري ڪارروائي نٿي ٿئي ته ڪجهه سياسي ماڻهن کي به اهڙي قسم جي ماڻهن کان فنڊنگ ملي ٿي. چيئرمين نورعالم خان هدايت ڪئي ته جيڪي ماڻهو ڪرپشن ڪري ڀڄي ويا آهن انهن جي پراپرٽيز جو تفصيل آڻيو، انهن ماڻهو جي اثاثن جو تفصيل چيڪ ڪري نيب کي فراهم ڪيو وڃي. اجلاس ۾ توانائي پيٽروليم ڊيوزن وزارت جي سال 2019-20 جا آڊٽ پيراز غور هيٺ آيا. شيخ روحيل اصغر چيو ته ڪروڊ آئل سعودي کان امپورٽ ڪريون ٿا، ان لاءِ ايل سي کوليون ٿا. سعودي انٽرنيشنل بئنڪ جي گارنٽي گهري ٿو ۽ اها بئڪ 4 کان 5 سيڪڙو انٽريسٽ وٺي ٿي. هن چيو ته اوهان جيڪو انٽرنيشنل بئنڪ کي انٽريسٽ ڏيو ٿا سعودي کان ايترو نٿو مڃرائي سگهجي ته اسان جون پنهنجون بئنڪون گارنٽي ڏينديون. هن چيو ته ايندڙ چئن پنجن ڏينهن کان پوءِ آئل جو هڪ وڏو بحران پيدا ٿيندو جيڪو امپورٽ نه پيو ٿئي. اجلاس دوران سيڪريٽري پيٽروليم چيو ته ڪوبه پيٽروليم بحران اچڻ وارو نه آهي. سعودي مهربان ملڪ آهي جيڪو اسان کي 1/2 ارب جو ڊيفرڊ ڪريڊ ڏي ٿو. اجلاس دوران توانائي جي شعبي جو گردشي قرض 4 هزار ارب رپيا ٿيڻ جوا نڪشاف ٿيو. توانائي واري سيڪريٽري چيو ته بجلي جي شعبي جو گردشي قرض 2500 ارب ۽ گيس جي شعبي جو گردشي قرض 1500 ارب ٿي ويو. سيڪريٽري چيو ته پي ايس او، پي پي ايل، سوئي سدرن ۽ سوئي نادرن جو گردشي قرض وڌي رهيو آهي. گئس شعبي جو گردشي قرض وڌڻ سبب مڪاني ڪمپنين به سيڙپڪاري ڇڏي ڏني. ڪميٽي چيئرمين چيو ته اوگرا ايڪسپلوريشن ڪمپنين کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي، جنهن ڪري سيڙپڪاري نه آهي. توانائي واري سيڪريٽري چيو ته پاڪستان ۾ 100 سيڪڙو گهرن کي گئس ڪنيڪشن ڏيڻ جي صلاحيت موجود نه آهي. گئس پائپ لائن مان صرف 27 سيڪڙو گهرن کي گئس ڪنيڪشن ڏنل آهي. توانائي واري سيڪريٽري علي رضا چيو ته نوان ڊمانڊ نوٽ نه پيا جاري ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button