رانديون

ڀارتي وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان روميلي ڌر جو رٽائرمنٽ جو اعلان

نئين دهلي: ڀارتي وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ آل رائونڊر روميلي ڌر هر قسم جي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. 38 سالن جي روميلي ڌر 4 ٽيسٽ، 78 ون ڊي ۽ 18 ٽي-20 انٽرنيشنل ميچن ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪئي. هن 2003 ۾ انگلينڊ خلاف ون ڊي ڊيبيو ڪيو. روميلي ٽيسٽ ڊيبيو 21 نومبر 2005 تي انگلينڊ خلاف ڏنو. مشهور آل رائونڊر روميلي ڌر پنهنجي ڪيريئر دوران هندستاني ٽيم جي اهم رانديگر هئي. هندستاني عورت ڪرڪيٽ جي ٽيم روميلي جي اڳواڻي ۾ ​​2005 ۾ ڏکڻ آفريڪا ۾ عورتن جي ون ڊي انٽرنيشنل ورلڊڪپ جي فائنل تائين پهچي وئي هئي. روميلي انسٽاگرام تي ڪرڪيٽ جي سمورن فارمن تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندي ڪرڪيٽ ڪيريئر دوران ساٿ ڏيندڙ سڀني جو شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته مون ڪيريئر جي هر ميچ مان سبق سکيو آهي جيڪو منهنجي ٻي اننگز ۾ مددگار ثابت ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button