رانديون

ويسٽ انڊيز 340 رنسون ٺاهي ورتيون، 5 آئوٽ، ڪائلي مائيرس سينچري ٺاهي ويو

بنگلاديش خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ ويسٽ انڊيز 340 رنسون ٺاهي ورتيون آهن ۽ سندس 5 بيٽر آئوٽ ٿي ويا آهن. ڊيرن سيمي ڪرڪيٽ گرائونڊ تي جاري ميچ جي ٻئي ڏينهن واري راند ۾ ويسٽ انڊيز جي ڪائلي مائيرس 2 ڇڪا ۽ 15 چوڪا هڻي 126 رنسون ٺاهيون ۽ بنگلاديشي بالرن کي بيوس بڻائي ڇڏيو. ٽيم جي باقي بيٽرن مان ڪپتان گريگ براٿيويٽ 51، جان ڪيمپبيل 45، جيرمين بليڪ ووڊ 40 رنسن سان نمايان رهيا. جڏهن تھ ريمن ريفر 22 ۽ نڪروما بونر ٻڙي تي آئوٽ ٿي ويا. راند ختم ٿيڻ تي ڪائلي مائيرس 126 ۽ جوشوئا ڊا سلوا 26 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن. اهڙي ريت بنگلاديش کي 106 رنسن جي برتري ڏئي ويا آهن. هوڏانهن بنگلاديش جي بالرن مان خالد احمد، مهدي حسن 2،2 وڪيٽون ورتيون ۽ هڪ وڪيٽ شريف الاسلام ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button