رانديون

محمد رضوان ڪائونٽي چيمپيئن شپ ۾ پنهنجي پهرين سينچري مڪمل ڪري ورتي

لنڊن: پاڪستان جي وڪيٽ ڪيپر ۽ بيٽسمين محمد رضوان سسڪس جي نمائندگي ڪندي ڊربي شائر خلاف ڪائونٽي چيمپيئن شپ ۾ پنهنجي پهرين سينچري اسڪور ڪئي. سسڪس جو 30 ورهين جو محمد رضوان اڱاري ڏينهن هائو گرائونڊ ۾ شان مسعود جي ٽيم ڊربي شائر خلاف 227 بالن تي 22 چوڪن جي مدد سان 130 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. ان ئي ميچ ۾ شان مسعود سيزن ۾ 1000 فرسٽ ڪلاس رنسون اسڪور ڪيون هيون.

رضوان پهريان ٽام السوپ سان ٽئين وڪيٽ لاءِ 95 رنسون ٺاهيون. ان کان پوءِ ساڄي هٿ جا رانديگر مضبوطيءَ سان ڪريز تي بيٺا رهيا جيتوڻيڪ وڪيٽون ٻئي طرف کان هيٺ ٿي رهيون هيون. سسڪس وڏي اسڪور ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نظر اچي رهيو هو پر آخري وڪيٽون جلد ڊهي پيون، هو پهرين اننگز ۾ صرف 337 رنسون ٺاهي سگهيا. پهرين اننگز ۾ اهم برتري حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڊربي شائر جيڪ بروڪس جي شاندار اسپيل جي ڪري ڊربي شائر 7 وڪيٽن جي نقصان تي 127 رنسون ٺاهي ٽئين ڏينهن جي پڄاڻي تي پهتي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button