اسلام آبادپاڪستان

گم ٿيل ماڻهن بابت بل به اڃا تائين گم آهي:سينيٽ ڪميٽي

اسلام آباد :سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي گم ٿيل ماڻهن بابت بل تي سوال اٿاري ڇڏيا. سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر وليد اقبال جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن جي ايجنڊا ۾ سياستدانن ۽ سياسي ڪارڪنن جي گرفتارين، اغوا ۽ حراسان ڪرڻ واري معاملي تي غور ڪيو ويو. اجلاس دوران جڏهن گم ٿيل ماڻهن بابت بل جو ذڪر ٿيو ته انساني حقن بابت ڪميٽي جي چيئرمين انڪشاف ڪيو ته گم ٿيل ماڻهن بابت بل جو اڃا تائين پتو نه پيو آهي. اجلاس ۾ مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر مشاهد حسين سيد گم ٿيل ماڻهن جو معاملو اٿاريو ۽ رابطا ڪميٽي سوال ڪيو ته گم ٿيل ماڻهن بابت بل آيو آهي، ان جو ڇا ٿيو؟ جنهن تي ڪميٽي جي چيئرمين انڪشاف ڪيو ته گم ٿيل ماڻهن بابت بل اڃا تائين موجود ناهي. سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران گمشدگين بابت بل تي سوال اٿاريندي چيو ته گم ٿيل ماڻهن بابت بل کي آسمان کڻي ويو يا زمين کائي وئي. سينيٽر مشاهد حسين سيد سوال اٿاريو ته گم ٿيل ماڻهن جو بل ڪٿي غائب ٿي ويو ۽ گم ٿيل ماڻهن جو بل ڪنهن غائب ڪيو؟ ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته بل قومي اسيمبلي مان پاس ٿيو هو ۽ لاڳاپيل ڪميٽي کان پوءِ سينيٽ سيڪريٽريٽ پهچي ويو هو پر اهو بل سينيٽ سيڪريٽريٽ مان غائب ٿي ويو آهي، جنهن تي سينيٽر عرفان صديقي چيو ته گم ٿيل ماڻهن جو بل غائب ٿي ويو آهي. ياد رهي ته گم ٿيل ماڻهن بابت بل، ڪرمنل لا (ترميمي) بل 2021ع 8 نومبر 2021ع تي قومي اسيمبلي مان پاس ڪيو ويو هو، جنهن جو مقصد پاڪستان پينل ڪوڊ ۽ ڪرمنل ڪوڊ ۾ ترميم آهي. جنوري ۾ اڳوڻي انساني حقن واري وزير شيرين مزاري انڪشاف ڪيو هو ته بل لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي ۽ قومي اسيمبليءَ جي منظوري کانپوءِ سينيٽ ڏانهن موڪليو ويو هو جتان اهو غائب ٿي ويو. گذريل مهيني، هن دعويٰ ڪئي ته هن بل تي انٽر سروسز انٽيليجنس (آئي ايس آءِ) هيڊ ڪوارٽر کي رپورٽ ڪرڻ لاءِ چيو ويو هو. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ بل پيش ٿيڻ بعد ان کي ايڊميشن ڪميٽي حوالي ڪيو ويو جتي بل جي شقن کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته بل سينيٽ ۾ پهچندي ئي غائب ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button