سنڌ ۾ هن وقت برسات وسڻ جا ڏينهن اچي ويا آهن، سانوڻي جي برسات کي هتي جو عوام ملڪ ۽ سنڌ ۾ سوا اسلام آباد جي ڪٿي به انجوا نه ڪري سگهيو آهي، اسلام آبا جي برساتن لا هيرالڊ جي اڳوڻي صحافي ۽ ڪمال جي تجزيي نگار زيگم خان مونکي ٻڌايو هو ته اسلام آباد ۾ برسات سچ ۾ موسم وانگر ئي انجوا ڪندا آهيون، اها برسات زندگي کي اجيرن ناهي بڻائيندي، ماڻهو نه ٻڏا آهن، اتي جا گٽر اُُٻلندا ناهن. هر ماڻهو ۽ فيمليز جنهن وقت به برسات وسي ٿي ته تفريح ماڻي رهيا هوندا آهن. ساڳئي اسلام آباد کان 15 منٽ جي مفاصلي تي وري ساڳئي برسات راولپنڊي جي ڳتيل آبادي لا مٿي جو سور بڻيل هوندي آهي، اها برسات موسم طور نه پر هڪ عذاب طور عوام جي مٿان وسندي رهندي آهي. جتي جي زندگي مفلوج ٿي ويندي آهي. برساتي پاڻي ماڻهن جي گهرن ۾ ڪاهي پوندو آهي. پو ماڻهو ڪم ڪار ڪرڻ بدران گهرن مان پاڻي جي نيڪالي ۾ مصروف ٿي ويندا آهن پو پيا دعائون گهرندا آهن ته هر صورت ۾ برسات کي روڪيو وڃي، اهڙي ريت سنڌ ۾ ڪراچي، حيدرآباد سميت سمورن ضلعن، شهرن ۽ ڳوٺن ۾ برسات عوام کان زندگي جو سڪون کسي وٺًندي آهي. ان جو وڏو سبب حڪمرانن ۽ حڪومت جي نااهلي آهي. برساتن جي نيڪالي لا ٺاهيل نالن جي برسات جي وسڻ کان هفتو اڳ ئي صفائي شروع ڪري عوام کي ٻڏڻ کان بچائڻ جي کوکلي دعوا ڪئي ويندي آهي پر اهي برساتي نالا پو به قدرتي برسات جي پاڻي سان ڀرجي ويندا آهن، پو گٽرن جو گندو پاڻي شهرين جي گهر ۾ داخل ٿي ويندو آهي. ان جو گهڻو لقا حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ ڏسندا رهيا آهيون. گٽرن ۽ برساتي نالن کي گندگي کان بچائڻ لا حڪومت پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي بندش لڳائي هئي، اها بندش به وڏي وزير جي بيان ۽ حڪومت تائين ٺيڪ هئي، جنهن بعد ننڍي سطح تي انتظاميه پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي ڪاروبار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو، اهي پلاسٽڪ جون ٿيلهيون هاڻ به گٽرن جي نظر ٿيل هونديون آهن. جنهن جو وڪرو به سري عام جاري آهي. سنڌ ۾ سانوڻي جي برسات شروع ٿي چڪي آهي. هن برسات جو ٻيو سسٽم سنڌ ۾ داخل ٿيو آهي، جنهن ۾ حيدرآباد، ڪراچي، ٿرپارڪر، ڪاڇو، ڪوهستان جي جابلو علائقن ۾ برسات وسي آهي، برسات جو سلسلو راجستان ۽ گجرات کان سنڌ ۾ داخل ٿيو آهي. جيڪو سلسلو اڳ ۾ ننگر پارڪر کان شروع ٿيو. سنڌ ۾ عيد جي ڏهاڙن تي به برسات پوڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
حيدرآباد سان گڏ بدين، ڊگهڙي، ميرپورخاص ۽ ٻين علائقن ۾ برسات ماضي ۾ به تباهي آڻيندي رهي آهي. برسات دوران منهنجي شهر گلاب لغاري ۽ آس پاس جي ڳوٺن کي ملائيندڙ روڊ، گس ڪچا رستا ڪيچڙ ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. جتي ماڻهو ته ڇا گاڏيون به نه گذري سگهنديون آهن. جنهن جو وڏو سبب روڊن جو نه ٺهڻ ۽ ڊرينيج جو نه هجڻ آهي، اها ساڳي حالت اسان کي سنڌ جي هر هڪ ننڍي ڳوٺ ۽ شهر ۾ ڏسڻ لا ملي ٿي. حيدرآباد به سدائين 150 يا 200 ملي ميٽر برسات ۾ ٻڏي ويندو آهي. حيدرآباد جي لطيف آباد يونٽ نمبر 11 ۽ 12 جي علائقن ۾ برسات دوران ٻيڙيون به هلن ٿيون، ماڻهن کي ريسيڪو ڪرڻ لا پاڪ آرمي جا جوان ۽ انتظاميه ٻيڙيون هلائي ماڻهن کي ريسڪيو ڪندا آهي. حيدرآباد سٽي ۾ ڦليلي، ٽنڊو مير محمود، فقير جو پڙ، پريٽ آباد، لطيف آباد، ريلوي اسٽيشن، امريڪن ڪوارٽر، ڪلاٿ مارڪيٽ، لياقت ڪالوني سميت ٻيا علائقا ته کليل گٽر ٿي پوندا آهن. ساڳئي ماضي ۾ قاسم آباد ۾ هيٺاهين وارا علائقا به ٻڏندا رهيا آهن. جنهن ۾ واڌو واهه سان گڏ وارا علائقا، نسيم نگر، عبدالله ٽائون فيز 1، 2، شيدي ڳُوٺ، مسلم سوسائٽي، جي اين بي ڪالوني، گدو چوڪ، فراز ولاز، سٽيزن ڪالوني، هيپي هومز، گلستان سجاد، عبدالله بنگلوز مڪمل پاڻي هيٺ اچي ويندا آهن. ان جو وڏو ڪارڻ ڊريينج ۽ برساتي نالي جو نه هجڻ آهي. جيڪڏهن حيدرآباد ۾ 5 ڏينهن يا ٽي ڏينهن مسلسل برسات پوي ته حيدرآباد شهر ٻڏي ويندو. سنڌو دريا جي کاٻي ڪناري تي حيدرآباد شهر هجڻ جي ڪري هونئن به شهر کي دريا جي چاڙهه مان به خطرو هوندو آهي. حيدرآباد ۾ انتظاميه موٽرون چالو ڪري واسا ۽ ايڇ ڊي اي کي الرٽ رکڻ باوجود برساتن دورا ڄاڻايل علائقن کي ٻڏڻ کان نٿي بچائي سگهي، جنهن لا اڳواٽ پلاننگ هجڻ ضروري آهي. انفرااسٽرڪچر کي جديد بڻائڻ جي ضرورت آهي. ڳريل ۽ سڙيل ڍانچو برسات ۾ عوام کي ٻوڙي ئي سگهي ٿو ٻي ڪا بهتري نٿو آڻي سگهي.
2019 ۾ برساتن جي تباهي جا احوال:
سنڌ جي مخلتف ضلعن ۾ برساتن دوران وِڄ ڪرڻ جي ڪري 8 عورتن سوڌو 12 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا، جنهن ته ڪيترائي ڍور به مري ويا هئا. وقفي وقفي سان برسات سبب بجلي ۽ مواصلاتي نظام ته هونئن به موڪلائي ويندو آهي. حيسڪو 150 کان 160 فيڊر به بند ڪري ڇڏيندي آهي. اخبار جي رپورٽن موجب ٿرپارڪر ضلعي ۾ 7 ڄڻا فوت ٿيا، جنهن ۾ڪيترائي ڍور به مري ويا. ننگرپارڪر، مٺي، ڏيپلو، اسلام ڪوٽ، عمرڪوٽ ۽ ٻين علائقن ۾ برسات سبب واقعا پيش آيا، 3 ڍگيون، 2 اُٺ، 30 ٻڪريون پڻ مري ويون، اڇڙي ٿر ۾ 3 عورتون ۽ هڪ ٻارڙو فوت ٿيو، اتر سنڌ ۾ پڻ هڪ ڄڻي جي فوت ٿيڻ جا اطلاع مليا هئا. حيدرآباد ۾ وڻ ۽ بجلي جا ڪيترائي پول ڪري پيا هئا، ڪرنٽ لڳڻ دوران به ماڻهن جي فوت ٿيڻ جون خبرون رپورٽ ٿينديون هيون. اڄ به ماڻهن جي زندگي برسات دوران دا تي لڳل هوندي آهي. حڪومت چاهي ته هڪ پهرين جي پلاننگ ۽ نقصان کان بچڻ لا عوام جي زندگي کي برسات ۾ محفوظ بڻائي سگهجي ٿو.
برسات ۾ حڪمرانن ۽ ضلعي انتظاميه کي ڪهڙا اپا وٺڻ گهرجن.
برسات دوران حيسڪو سدائين لا امڪاني نقصان کان بچڻ لا بجلي بند ڪري ڇڏيندي آهي، جنهن سبب برساتي پاڻي جي نيڪالي لا موٽرون بند پيل هونديون آهن. جنهن ۾ بجلي جو بندوبست يا جنريٽر جي فراهمي اڳواٽ ئي هجڻ گهرجي، جتي هيٺاهين وارا علائقا برسات جي پاڻي ۾ ٻڏن ٿا يا مهينن جا مهينا پاڻي بيٺًل هوندو آهي، اتي ايمرجنسي لاڳو ڪري پاڻي جي نيڪالي لا ٽيڪنيل ماهرن، نڪاسي جي انجنيئرن جي ٽيم کي الرٽ رکيو وڃي، پاڻي جي نيڪالي جي بند رستن جا گس ڳوليا وڃن. پاڻي اتي نيڪال ڪيو وڃي، جتي ٻين علائقن جي ٻڏڻ جو خطرو نه هجي. ويجهن وارن زرعي زمينن ۽ فارمن کي برساتي پاڻي ڏنو وڃي. يا پاڻي کي اسٽوريج ڪرڻ لا لکين ڪيوسيڪ پاڻي محفوظ ڪرڻ جا تلا قائم ڪيا وڃن. اسان ڏٺو آهي ته اپريل مهيني کان وٺي سنڌ دريا ۾ پاڻي نه هجڻ دوران سکر، گڊو ۽ ڪوٽڙي بئراج تي سخت پاڻي جي کوٽ رهي آهي. انڪري برساتن جي پاڻي کي زرعي پوکائي لا ڪتب آڻڻ لا هڪ انجنيئرنگ جي ضرورت آهي. اهو پاڻي عوام کي تڪليف پهچائڻ بدران هڪ سسٽي ذريعي محفوظ ٿي برساتن کانپو به اهو پاڻي زرعي پوکائي لا ڪتب آڻي سگهجي ٿو. اهي ڪا راڪيٽ سائنس به ناهي، انتظاميه ۽ ڪامورا جيڪڏهن چاهين ته ملندڙ فنڊن کي استعمال ڪري برساتي پاڻي کي زرعي پوکائي ۽ پاڻي جي کوٽ وارن وقت ۾ ڪتب آڻي سگهن ٿا. سنڌ ۾ موسميات کاتي جي اڳڪٿي کان اڳ ئي هڪ ترتيب سان پلاننگ هجي ته عوام برسات مان ملڪ جي راڄڌاني اسلام آباد جي موسم وانگر کي لطف ماڻي سگهي ٿو. پو برساتن جي سلسلي ۾ هڪ شهر اميرن جو ۽ ٻيو شهر غريبن جو واري خفي کان به آجا ٿي پونداسين، پو وري هنن ٻنهي شهرن کي غربت، بيماري، لاعلاجي سان ڀيٽيو ويندو. هڪ حڪمت عملي سان پو غريبن جو شهر به اهڙي بي واجبين ۽ لاچارين کان آجو ٿي ويندو. ڇاڪاڻ ته خوشحالي ۽ بهتر زندگي جو خواب هر انسان ڏسي ٿو. دماغ سڀ هڪجهڙا ئي هوندا آهن. انساني دماغ جا نيوران امير ۽ غريب ۾ ورهايل ناهن. پو هر شخص ان خوابن جي تعبير به ڪري سگهي ٿو. جيڪي خواب انسان صدين کان ڏسندو پيو اچي.