هيءَ حڪومت ڀلي نئين هجي پر حڪمران نوان ناهن. انهن حڪمرانن کي معلوم آهي ته حڪومت ڪيئن هلائبي آهي؟ ان ڪري ناتجربيڪاريءَ جي اها رعايت جيڪا عمران خان کي حاصل هئي، اها انهن حڪمرانن کي هر گز ناهي. ڇو ته جيڪي پارٽيون هن مهل اقتدار ۾ آهن، انهن پارٽين هڪ ڀيرو نه پر ٽي ٽي دفعا اقتدار ماڻيو آهي. انهن کي معلوم آهي ته رياست جو رواج ڇا هوندو آهي؟ انهن کي پتو آهي ته پاور جي فطرت ڪهڙي هوندي آهي؟ انهن کي هر ڳالهه جو نه صرف علم آهي پر اهي ٽي ٽي ڀيرا ان تجربي مان گذريا آهن. ان حوالي سان انهن کي اهو احساس به هجڻ کپندو هو ته هو ڪهڙي وقت اقتدار وٺي رهيا آهن ۽ ان مهل ملڪ جون حالتون ڪهڙيون آهن ۽ عوام جي مٿان ڪهڙيون مصيبتون آهن؟ جيڪڏهن معاملو صرف ۽ صرف ملڪ هلائڻ جو هو. جيڪڏهن اصل سبب اهو نه هو جيڪو عمران خان بيان ڪري رهيو آهي ته انهن کي هر حال ۾ اقتدار وٺي پاڻ کي ڪيسن مان آجو ڪرائڻو هو. جيڪڏهن اصل اشو ملڪ ۽ ان جو عوام هو ته پوءِ مسلم ليگ ن ۾ مريم نواز واري لابي بلڪل ٺيڪ پئي چيو ته هي خواريءَ جو کارو اسان کي پنهنجي سر تي نه کڻڻ گهرجي ۽ چونڊن جو اعلان ڪري فريش مينڊيٽ ماڻڻ گهرجي ته جيئن فاتح پارٽيءَ وٽ پورا پنج سال هجن. پر انهن نه ته مريم جي ڳالهه مڃي ۽ نه عمران خان جو مطالبو تسليم ڪيو. انهن جهڙي تهڙي حال ۾ حڪومت قبول ڪئي ۽ هن مهل هيءَ حڪومت ٻن مهينن کان مٿي چڙهي هلي آهي پر هن حڪومت عوام جي مٿان مهانگائيءَ جو بار وڌائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڪيو آهي. جيڪڏهن معاملو اهو ئي هو ته پوءِ هو آخر اقتدار ۾ ڇو آيا؟
عمران خان جي حمايت جو سوال بلڪل به ناهي. اهو مسئلو عوام جي مٿان پيل ان مهانگائيءَ جي بار جو آهي، جنهن ۾ مستقل طور تي اضافو ٿي رهيو آهي ۽ معلوم ناهي ته اهو معاملو اڃان ڪيستائين هلندو؟ ڇو ته هن مهل تائين آءِ ايم ايف پاڪستان کي پئسا نه ڏنا آهن. جڏهن ته حڪومت صرف اهو ٻڌائي رهي آهي ته آءِ ايم ايف سان معاملو ٽريڪ تي آهي ۽ ڪنهن به وقت پئسا ملي سگهن ٿا. اهو سوچي به سخت غصو اچي رهيو آهي ته آخر اسان جا حڪمران بار بار عوام کي اهو ڇو ٿا ٻڌائين ته آءِ ايم ايف سان معاملن ۾ هيتري پيش رفت ٿي آهي؟ ڇا آءِ ايم ايف کان ملندڙ پئسا عوام کي ملندا؟ اهو ته عوام جو پئسو آهي. جيڪو حڪمران پنهنجي ڪرپشن ۽ عياشين ۾ اڏائيندا. انهن کي وڌ کان وڌ پروٽوڪول گهرجن ته جيئن هو پنهنجي اندر ۾ موجود احساس ڪمتريءَ جي تسڪين ڪري سگهن. پر انهن جي نفسياتي بيماريءَ جو بل عوام ڀريندو ڇا اهو ظلم ناهي؟ ڇا اها زيادتي ناهي؟ ڇا اهو نسورو ناحق ناهي؟ عوام جي مٿان تمام گهڻي مصيبت اڳ ۾ آهي ۽ هي عوام جي مصيبت ۾ اضافو ڪري رهيا آهن ۽ انهن وٽ هن مهل به ڪو عوامي منصوبو ناهي. هو جيڪو ڪجهه به ڪري رهيا آهن، ان مان عوام کي تر جيترو فائدو نه پيو آهي ۽ نه وري پوندو. هو جيڪو به ڪري رهيا آهن اهو هڪ ته پنهنجي مفاد لاءِ ڪري رهيا آهن ۽ ٻيو ته هو عوام کي ڏيکارڻ جي ڪوشش ۾ آهن ته هو عوام لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪن ٿا. جڏهن ته هن ملڪ جي ماڻهن ايترا دوکا کاڌا آهن جو انهن کي معلوم ٿي چڪو آهي ته ڪير انهن جي فائدي ۾ آهي ۽ ڪير انهن جي نقصان ۾ آهي؟
عوام جي مٿان هن مهل به تمام گهڻو وزن آهي ۽ ان وزن ۾ تمام جلد تمام گهڻو اضافو به ٿيڻ وارو آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه عوام دوستيءَ ۽ جمهوريت جي نالي ۾ ٿي رهيو آهي. انهن جي ڪوشش آهي ته ڪنهن به طرح سان عوام کي بيوقوف بڻائجي ۽ پنهنجا مفاد ماڻڻ جي لاءِ عوام کي اهو ڪجهه محسوس ڪرائجي، جيڪو ڪجهه اصل ۾ وجود ئي نه ٿو رکي ۽ ان جي نالي ۾ عوام سان دوکا ڪجن ۽ پنهنجي مال کي وڌائجي. ڇا اهو ظلم ناهي ته اسان وٽ جيڪو به حڪمران اچي ٿو، اهو ملڪ جو خزانو خالي ڪري پنهنجو ذاتي ۽ خانداني خزانو ڀري ٿو ۽ جڏهن به ان کان پڇا ڪجي ٿي ته هن اهو ڇا ڪيو آهي ته هو جواب ڏيڻ بدران هڪ ليڪچر ڏئي ٿو ۽ ان ليڪچر جو حاصل مطلب اهو هوندو آهي ته هن ملڪ ۽ عوام جي لاءِ تمام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن؟
قربانيون ته صرف انهن ڏنيون آهن، جن موت کي قبول ڪيو. قربانيون انهن ڏنيون آهن، جيڪي اڄ به اقتدار کان پري آهن ۽ انهن کي اقتدار سان ڪا محبت ڪونهي. قربانيون ته انهن اڳواڻن ڏنيون آهن، جيڪي اڄ اسان ۾ موجود ناهن. جيڪڏهن انهن کان سواءِ ٻيو ڪنهن قرباني ڏني آهي ته اهو اسان جو عوام آهي. ڇو ته اهو عوام ئي آهي، جنهن ملڪ لاءِ آمريت سان جهيڙا جوٽيا آهن. اهو عوام ئي آهي، جنهن آمريت جو مقابلو ڪيو آهي. اهو عوام آهي جنهن جيل ڀوڳيا آهن. اهو عوام آهي جنهن گوليون کاڌيون آهن. اهو عوام آهي جنهن بم ڌماڪن ۾ پنهنجا وجود وڃايا آهن. اهو عوام آهي جنهن جي ايتري گهڻي قربانيءَ جي باوجود به ڪڏهن ڪنهن موقعي تي ان کي خراج تحسين پيش نه ڪيو ويو آهي. ان جي لاءِ اهو نه چيو ويو آهي ته ملڪ جي تاريخ ۾ عوام جو وڏو ڪردار آهي. جڏهن به قربانيءَ جو ذڪر آيو آهي، تڏهن ڪنهن مخصوص خاندان جو نالو ورتو ويو آهي. ڪڏهن به اهو نه ٿيو آهي جو عوام جي حوالي سان ڪنهن ڪنهن ذڪر ڪيو هجي ته هن ملڪ ٺاهڻ ۽ هلائڻ ۾ عوام جو تمام وڏو ڪردار آهي. اهو ڪڏهن به ڪنهن جي وات مان نه نڪتو آهي. هن مهل به جيڪڏهن ملڪ جي لاءِ قرباني ڏئي رهيو آهي ته اهو شهباز شريف ۽ هن جو خاندان يا آصف زرداري ۽ هن جو خاندان نه ۽ خود عمران خان ۽ هن جو خاندان نه پر اهو عوام ئي آهي، جيڪو قربانيءَ جي قطار ۾ بيٺل نظر اچي ٿو ۽ هن تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. عوام سان ملڪ جي معاملي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو آهي اهو ڪجهه هن اردو شعر ۾ بهتر طرح سان پيش ٿيل آهي:
”جب بهي گلشن ڪو لهو ڪي ضرورت پڙي
سب سي پهکي هي گردن هماري ڪٽي
هم سي ڪهتي هين يه اهل چمن
يه چمن هي همارا تمهارا نهين“
هن ملڪ کي وجود ۾ آڻڻ ۽ هن ملڪ کي پيرن تي بيهارڻ ۽ هن ملڪ کي هلائڻ جي سلسلي ۾ سڀ کان وڏي قرباني عوام جي آهي پر عوام جي قربانيءَ جو تذڪرو ڪير ڪري؟
عوام جي قربانيءَ جو ذڪر هن مهل به ڪير ڪو نه ٿو ڪري. هر ڪنهن کي پنهنجو فڪر آهي. ڇا اهو ظلم ناهي؟ زيادتي ناهي؟ ڇا اها ناانصافي ناهي؟ ته هن مهل به ملڪ کي بچائڻ ۽ هلائڻ جي لاءِ جنهن مهانگائيءَ کي هٿ سان پيدا ڪيو ويو آهي، ان جو سمورو بار عوام جي ڪلهن مٿان آهي ۽ عوام کي وري اهو ٻڌايو پيو وڃي ته اها قرباني حڪمرانن جي آهي ۽ حڪمرانن کان پوءِ جيڪڏهن ڪنهن جي قرباني زير ذڪر اچي ٿي ته اها قرباني مخالف ڌر جي آهي. ڇو ته شهباز شريف ۽ آصف زرداريءَ کان پوءِ جيڪڏهن ڪو شخص پنهنجا احسان ڳڻائي رهيو آهي ته اهو عمران خان ئي آهي. جڏهن ته عمران خان اهو به ٻڌائي نه ٿو سگهي ته هن مهل تائين ڪيترو جيل ڪاٽيو آهي؟ ڪيترو تشدد برداشت ڪيو آهي؟ پنهنجي خاندان جي خاتمي جي ڪيتري قرباني ڏني آهي؟ ان سلسلي ۾ تاريخ گواهه آهي ته ڪنهن به سياستدان قرباني نه ڏني آهي. پر جيڪڏهن قرباني ورتي وئي آهي ته اها عوام کان ورتي وئي آهي. هن مهل به عوام قرباني ڏئي رهيو آهي ۽ ڪجهه به نه چئي رهيو آهي. جڏهن ته ڪوڙين قربانين جا داستان بيان ڪرڻ وارا هڪ طرف عياشيون ڪري رهيا آهن ۽ ٻي طرف انهن جو سمورو زور انهن رڙين تي آهي ته انهن ڪهڙي طرح قربانيون ڏنيون. جڏهن ته حڪومت ۾ موجود ڪنهن صاحب سياست جيل ڪاٽيا آهن ته اهي ڪرپشن جي ڪري ڪاٽيا آهن ۽ جيڪڏهن ڪنهن جلاوطنيون ڏٺيون آهن ته اهي قانون کان فرار ٿيڻ جي صورت ۾ ڏٺيون آهن. ملڪ جي لاءِ مڇيءَ وانگر تڙپڻ وارا سياستدان هن مهل به ملڪ کان ٻاهر محلن ۾ ويٺا آهن ۽ انهن کي انتظار آهي ته انهن کي ڪڏهن معافيءَ سميت ملڪ اچڻ جي موڪل ملندي ۽ هو پاڪستان جي مٿان وري راڄ ڪرڻ جي لاءِ اقتدار جي مسند تي ويهندا. هن مهل ته اسان جا سياستدان اقتدار کان سواءِ ٻيو ڪجهه به سوچڻ جي لاءِ تيار ناهن. جيڪڏهن انهن کي اقتدار نه ٿو ملي ته هو ملڪ کي شڪل ڏسڻ لاءِ تيار ناهن. جيڪڏهن انهن کي اقتدار ملي ٿو ته هو سڀ کان وڏا محب وطن بڻجي وڏي شان ۽ شوڪت سان ملڪ جي مٿان مسلط ٿيڻ جي لاءِ تيار آهن. هن مهل ملڪ تمام گهڻو ڀوڳي رهيو آهي ۽ ڪنهن به ليڊر کي ان جو احساس ناهي. اهو ليڊر سرڪاري هجي يا غير سرڪاري هجي. اهو ليڊر اقتدار ۾ هجي يا اقتدار ملڻ جي انتظار ۾ هجي. اهو ليڊر شهباز شريف ۽ آصف زرداري هجي يا عمران خان هجي. ڪنهن به ليڊر جي ذهن ۾ عوام جو احساس ناهي. ڪنهن به ليڊر جي ايجنڊا تي عوام جي مٿان پوندڙ عذاب کي گهٽائڻ جي ڪوشش ناهي. هر ليڊر کي اقتدار گهرجي. اهو اقتدار ڪهڙي به شرط تي ملي، انهن کي اعتراض ناهي. انهن کي صرف ۽ صرف اقتدار سان مطلب آهي. هن مهل ملڪ ۾ جيڪا سياسي سرگرمي ٿي رهي آهي، اهو اقتدار ملڻ جي سلسلي ۾ ٿي رهي آهي. ڪنهن کي اقتدار حاصل ڪرڻو آهي ۽ ڪنهن کي اقتدار بچائڻو آهي. ڪنهن کي به اقتدار کان سواءِ عوام جي لاءِ ڪجهه به نه ٿو سمجهه ۾ اچي. اهو ئي سبب آهي ته ڪا به سياسي سرگرمي عوامي ناهي.