پاڪستانسنڌ

ٿاڻي بولاخان ڀرسان ڇوڪري جو بجلي ٿنڀي ۾ لڙڪيل لاش مليو

ٿاڻوبولاخان: ٿاڻوبولاخان جي ويجھو پير باقر شاهه جيلاني جي روڊ وٽان بجلي جي ھا ٽرانسميشن ٿنڀي ۾ 14 ورهين جي ڇوڪري ڪيڪو جوڳي جو لٽڪيل لاش هٿ آيو، اهڙي اطلاع تي پوليس ۽ ڳوٺ پير بخش خاصخيلي واسي واقعي واري هنڌ پهچي ويا، جڏهن ته ڇوڪري جي سڃاڻپ لا سندس پي هاشم جوڳي کي آندو ويو، جنهن ٻڌايو ته منھنجي ڌي ڪنواري آهي، جيڪا ما کان ڪاوڙجي گهران نڪري آپگهات ڪيو آهي. اھڙي بيان کانپوءِ پوليس لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقا اسپتال ٿاڻوبولاخان کڻائي پهتي. پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي ابتدائي رپورٽ ڏيندي چيو ته ڇوڪري جو مڻڪو ٽٽل آھي، واقعو خودڪشي لڳي ٿي، لاش 10 ڪلاڪ پراڻو آھي، جزا وٺي فرانزڪ ليبارٽري ڏانھن اماڻيا ويا آھن، رپورٽ اچڻ کانپوءِ ئي خودڪشي يا قتل بابت چئي سگهجي ٿو. ٻي پاسي پوليس واقعي بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي. ٻي پاسي علائقي ۾ چوٻول آهن ته ڇوڪري کي قتل ڪري تنڀي ۾ لٽڪايو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button