پاڪستانسنڌ

سيتاروڊ ڀرسان نوجوان عورت قتل، گوليون لڳل لاش مليو

سيتاروڊ: سيتاروڊ ڀرسان ڳوٺ لونگ راھوجا کان ڳوٺ ڏنڱرن ڏانھن ويندڙ رستي تي 30 ورھين جي برقعو پاتل عورت جو گوليون لڳل لاش هٿ آيو، اطلاع ملڻ تي سيتاروڊ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي عورت جو مڙھه کڻائي ھيلٿ سينٽر سيتاروڊ پھچايو، جڏهن ته مقتولا عورت جي سڃاڻپ لا وڏي انگ ۾ ڀرپاسي جا ماڻهو پهچي ويا. ٻي پاسي 6 ڪلاڪن بعد ڳوٺ حاصل چانڊيو جي رھواسڻ پناھه خاتون پهچي پنھنجيِ ڀائٽيِ نسيم بيگم ڌي ولي محمد چانڊيو طور سڃاڻپ ڪري مڙهه وصول ڪرڻ لا درخواست ڏني، پر پوليس ما پي کي لاش ڏيڻ جو چئي عورت کي موٽائي ڇڏيو، جنهن کان پو مقتولا عورت جي ڀيڻ رقعيا زال غلام رسول چانڊيو پوسٽ مارٽم بعد لاش وصول ڪيو، جيڪا مڙهه ڳوٺ کڻائي وئي. جڏهن ته پوليس عورت کي قتل ڪندڙ جوابدارن جو پتو نه لڳائي سگهي. ان حوالي سان پوليس ٻڌايو ته جاچ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو. آخري اطلاعن تائين مقتولا عورت جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button