
ڄامشورو: ڄامشورو ڀرسان ڳوٺ الھرکيو کوسو ڀرسان خالي پلاٽ تان رهواسڻ عورت جو گوليون لڳل لاش هٿ آيو. مقتولا عورت جي سڃاڻپ صدوري زال قمر الدين ٻٻر طور ٿي آهي، اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لا حيدرآباد سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. رابطو ڪرڻ تي ڄامشورو ڦاٽڪ پوليس پوسٽ انچارج ٻڌايو ته عورت کي پسٽل جون گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي، قتل ذاتي دشمني لڳي ٿو، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. هن ٻڌايو ته مقتولا عورت جو مڙس قمرالدين ٻٻر اڳ ئي دادو ۾ جيل ۾ آهي، مقتولا عورت جي وارثن کان به ڄاڻ ورتي آهي.