
پي سي بي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ سيزن جو نئون ڪيلينڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي شروعات نيشنل ڪپ کان ڪئي ويندي. ميڊيا مطابق پي سي بي جي ڏنل ڪيلينڊر ۾ سيزن جي ٽورنامينٽ 30 آگسٽ کان 19 سيپٽمبر تائين کيڏي ويندي. جڏهن تھ سيڪنڊ اليون ٽيمن جي ٽورنامينٽ 2 کان 15 سيپٽمبر تائين ڪوئٽا ۾ کيڏڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت قائداعظم ٽرافي 27 سيپٽمبر کان 30 نوممبر تائين ٿيندي. پي سي بي موجب هن سيزن ۾ ڪل 187 ميچ ٿيندا.