
فرانس جي 18 ورهين جي گوستف ميڪيون ٽي 20 ۾ سينچري ٺاهي ننڍي عمر واري ڪرڪيٽر جو اعزاز حاصل ڪيو آهي. ميڊيا مطابق گوستف ميڪيون يورپ واري ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2024ع جي ڪواليفائر ميچ ۾ سوئيٽرلينڊ خلاف سينچري ٺاهي عالمي رڪارڊ قائم ڪيو آهي. هن 61 بالن تي 109 رنسون ٺاهيون آهن.