پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا ٽي 20 ورلڊ ڪپ لا چونڊيل قومي ڪرڪيٽرن کي ڀارت خلاف جارحاڻي راند جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق پي سي بي چيئرمين رميز راجا ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف پاڪستان جي ميچ بابت رانديگرن کي ورچوئل ليڪچر ڏنو ۽ کين ٽرافي کٽيندڙ ٽيمن جا مثال بھ ڏنا. هن جو چوڻ هو تھ خوف مان نڪري ۽ ذهني دٻا کي ختم ڪري حوصلي سان راند کيڏڻ ضروري آهي. هن چيو تھ سئو سيڪڙو ڪارڪردگي ذهن مان خوف ڪڍي کيڏڻ سان سامهون ايندي آهي، سوشل ميڊيا کان پري رهو ۽ ماڻهن جي تبصرن تي نھ سوچيو وڃي. هن چيو تھ جارحاڻي ۽ بي خوف راند کيڏڻ سان گڏ فيلڊنگ ۾ سڄو ڌيان ڏيڻ لازمي هوندو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close