رانديون

رميز راجا ڪرڪيٽرن کي ڀارت خلاف جارحاڻي راند جو مشورو ڏئي ڇڏيو

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا ٽي 20 ورلڊ ڪپ لا چونڊيل قومي ڪرڪيٽرن کي ڀارت خلاف جارحاڻي راند جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق پي سي بي چيئرمين رميز راجا ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف پاڪستان جي ميچ بابت رانديگرن کي ورچوئل ليڪچر ڏنو ۽ کين ٽرافي کٽيندڙ ٽيمن جا مثال بھ ڏنا. هن جو چوڻ هو تھ خوف مان نڪري ۽ ذهني دٻا کي ختم ڪري حوصلي سان راند کيڏڻ ضروري  آهي. هن چيو تھ سئو سيڪڙو ڪارڪردگي ذهن مان خوف ڪڍي کيڏڻ سان سامهون ايندي آهي، سوشل ميڊيا کان پري رهو ۽ ماڻهن جي تبصرن تي نھ سوچيو وڃي. هن چيو تھ جارحاڻي ۽ بي خوف راند کيڏڻ سان گڏ فيلڊنگ ۾ سڄو ڌيان ڏيڻ لازمي هوندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button