ڪربلا جي واقعي کي 13 صديون ۽ 41 سال گذري چڪا آهن. پر عراق جي اوپن ايئر مقتل ۾ جيڪو معصومن جو مقدس خون وهيو هو، اهو اڄ ڏينهن تائين نه سڪو آهي. ۽ سڪي به ڪيئن؟ هر سال ڪروڙين انسان عظيم شهيدن جي رت کي پنهنجن لڙڪن جو پاڻي ڏيندا رهن ٿا. اهي معصوم شهيد جن کي ٽن ڏينهن تائين پاڻيءَ کان محروم رکيو ويو، انهن جي لاءِ ساڍا تيرنهن سئو سالن کان انسانن ايترو رنو آهي، جو انهن لڙڪن مان هڪ ندي جنم وٺي سگهي ٿي.
اهو انياءُ، اهو ظلم، اهو ناحق ڪنهن ڪيو؟ ڇا اهي نمازي نه هئا؟ ڇا اهي قرآن شريف جو ورد نه ڪندا هئا؟ ڪندا هئا. جنهن وقت جنگ هلندي نماز جو وقت ٿيندو هو ته ٻنهي پاسن تي صفون ٺهي وينديون هيون. پر سلام ورائڻ کان پوءِ يزيد جا فوجي هٿيار کڻي نبي صلعم جي اولاد مٿان تلوارون، ڀالا ۽ بڙڇيون کڻي ڪڙڪي پوندا هئا. ان مان ثابت ٿيو ته هر نمازي ۽ قرآن جو قاري بهتر انسان ته ڇا موچارو مسلمان به ٿي نه ٿو سگهي. شيعا فرقي سان تعلق رکندڙ عالم ته امام حسين ۽ سندس خاندان ۽ ساٿين جي قاتلن کي ڪنهن به صورت ۾ مسلمان مڃڻ لاءِ تيار ناهن. جڏهن ته ٻين فرقن سان تعلق رکندڙ عام اڪثر طور تي اهڙي سوال تي پريشان ٿي پوندا آهن پر جيڪڏهن دل جي حضور سان محسوس ڪيو وڃي ته انهن قاتلن کي مسلمان مڃي نه ٿو سگهجي، جيڪي يزيد جي حڪومت لاءِ انهن معصومن جو خون وهائن، جن معصومن ۾ ڪنهن جا مهانڊا خدا جي رسول جهڙا ۽ ڪنهن جا مهانڊا خدا جي شينهن مولا علي ابن ابوطالب جهڙا هئا. جيڪي نبيءَ جي ننڍڙي خاندان جا گل هئا، انهن کي جهڙي طرح تيرن ۽ تلوارن سان شهيد ڪيو ويو، ان واقعي تي مسلمانن جي تاريخ وٽ واقعي به ماتم ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو به ناهي.
انساني تاريخ جنگين ۽ لڙائين جي ڊگهي سلسلي جو نالو آهي. تاريخ ۾ هڪ به اهڙو دور نه گذريو آهي، جنهن ۾ انسانن جو خون پرلئه جو پاڻي بڻجي نه وهيو هجي. جيڪڏهن انساني تاريخ جو ليکو ڪجي ته لکين نه پر ڪروڙين ماڻهو قتل ڪيا ويا آهن. خود رسول الله جي وصال کان پوءِ مسلمانن ۾ جيڪي جنگيون ٿيون، انهن ۾ هزارين نه لکين ماڻهو موت جي آغوش ۾ لاٿا ويا آهن. ان حوالي سان ڪربلا ۾ 72 شهيدن جو انگ وڌيڪ ناهي. پر پوءِ به ڪربلا جي ڪوس ۾ جيڪا شدت آهي، اها لکن لاشن کان وڌيڪ آهي. ڪربلا جي ميدان تي ڪريل رت جو هر قطرو تمام ڪٺور ڪيفيت کي جنم ڏيڻ جو سبب بڻجي ٿو. ڪربلا ۾ جيڪو ڪجهه به ٿيو، ان جون ڪهاڻيون ٻڌي اڄ به مسلمان هنجون هارين ٿا. ۽ صرف مسلمانن ۾ نه پر غيرمسلمانن ۾ به مولا حسين جا حبدار آهن.
ننڍي کنڊ ۾ هندو مسلم تضاد هندوستان جي ورهاڱي جو ڪارڻ بڻيو. پر ڪيترائي هندو شاعر اهڙا رهيا آهن، جن امامن جي شان ۾ مرثيا ۽ نوحا لکيا. ڇا ننڍي کنڊ جي تاريخ ان تمام وڏي شخص ۽ شاعر کي ڪڏهن به فراموش ڪري سگهي ٿي، جنهن جو نالو منشي چنولال دلگير هو. هو لکنوءَ جو ڄائو هو. شاعري هن کي ثقافتي ورثي ۾ ملي هئي. هو پنهنجي شروعات ۾ عشق ۽ حسن جو شاعر هو. هن جي رومانوي غزلن جو ديوان ”گومتي“ شايع ٿيو. پر جڏهن هن جي دل ۾ عشقِ حسين جي شمع ٻري ۽ هو ڪربلا جي واقعي سبب غم ۾ ويڙهجي ويو ته هن نه صرف عشقيه شاعري ترڪ ڪري ڇڏي پر پنهنجو رومانوي ڪلام ”گومتي“ نديءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو ۽ پوءِ هن صرف ۽ صرف نوحا ۽ مرثيا لکيا. هن جا چار سئو کان وڌيڪ مرثيا موجود آهن. پر هن جو جڳ مشهور نوحو هر محرم ۾ درد جي صدا بڻجي گونجندو آهي. جڏهن ڪوئي مومن دل جي درد کي آواز ۾ سمائي ڳائيندو آهي “گهبرائي گي زينب“ تڏهن پوري ماحول جي مٿان اداسيءَ جي ڪاري چادر ويڙهجي ويندي آهي. ان نوحي تي لڙڪ لاڙڻ واري اڪثريت کي اڄ ڏينهن تائين معلوم ناهي ته اهو نوحو هڪ هندو شاعر جو آهي. پر حسين جو غم هر تفريق کان ماورا آهي.
مولا حسين جي ان غم جي ته لکنئو وارا اڄ ڏينهن تائين دعا ڏيندا آهن. قرت العين حيدر جي ناولن ۽ افسانن ۾ هندستان جي شيعا ڪلچر جو جيڪو عڪس موجود آهي، ان جو احساس ۽ بيان ئي الڳ آهي. قرت العين جي سڀ کان وڌيڪ پڙهيو ويندڙ ناول ”آگ ڪا دريا“ جي هڪ باب ۾ جڏهن گوتم نيلمبر لکنئو جي ليجنڊ طوائف چمپا سان ملڻ ۽ موڪلائڻ ٿو اچي ته ان رات جي پوئين پهر ۾ هوا جي ڇهاءُ تي جهڙي ريت چمپا جا وار ۽ هن جو زريءَ سان ڀريل آنچل اڏامي رهيو هو، اهو منظر ناول جي يادگار منظرن مان هڪ آهي. ان منظر ۾ گفتگو گهٽ آهي. جيڪڏهن آهي ته ايتري جو موڪلائڻ وقت چمپا گوتم کي چوي ٿي ”شال خدا توکي غم ِحسين کان سواءِ ڪو غم نه ڏي“ ۽ پوءِ پنهنجا آلا ڇپر ڇنڀندي چمپا چوي ٿي ”پر توکي ڇا معلوم ته حسين جو غم ڇاهي؟ توکي ته اهو به پتو ناهي ته غم ڇاهي؟“
اهو غم جيڪو محرم نالي اسلامي مهيني ۾ موجود آهي، اهو غم تمام اڪيچار انسانن لاءِ زندگيءَ جو سڀ کان وڏو اثاثو آهي. انهن کان پڇيو وڃي ته پنهنجي پنهنجي ٻوليءَ ۾ هو اهوئي جواب ڏيندا ته جيڪڏهن اهو غم نه هجي ته انهن جي دل صفا سڃي ۽ سنسان هجي. جهڙي ريت فيض احمد فيض فرمايو آهي:
”باقي هي سهارا تو بس ايڪ اسي ڪا
پهلو ۾ ليي ڦرتي هين جو درد ڪسي ڪا“
مولا حسين جو درد دلين جو دارون آهي. اهو درد دوا آهي. اهو درد دعا آهي. اهو درد انسانن جي اندر کي اجاري ٿو.
اسلامي دنيا ۾ شيعا سني تضاد پنهنجي جاءِ تي پر ان حقيقت کان انڪار ڪرڻ تمام مشڪل آهي ته حيدر ۽ حسين جا حبدار دنيا ۾ جبر ۽ ظلم جي مخالفت ڪرڻ ۾ اڳرا هجن ٿا. اسان ايران جي داخلي توڙي خارجي پاليسين سان اختلاف رکي سگهون ٿا ۽ رکون ٿا پر جهڙي ريت ايران اسرائيل ۽ آمريڪا جي خلاف هڪ مورچو قائم ڪري ويٺو آهي، هن جي اهڙي سامراج مخالف ڪردار جي ساراهه نه ڪرڻ سياسي ڪنجوسي هوندي.
شيعا ۽ سني فرقن ۾ فرق آهي پر ڇا سمورا شيعا هڪ جهڙو سوچين ٿا؟ حضرت علي رضه جي علم ۽ امام حسين رضه جي عمل کي عقيدو بڻائي تسليم ڪرڻ وارن ۾ به تضادن جا سلسلا موجود آهن. ڇو ته شيعا فڪر جي سرزمين ايران ۾ جيڪا سوچ ڊاڪٽر علي شريعتي پنهنجين لکڻين ۾ پيش ڪئي، ان کي هر شيعو عالم ساڳي نظر سان نه ٿو ڏسي. ڊاڪٽر علي شريعتي جي خيال ۾ حسينيت صرف هڪ مذهبي ماتم جو نالو ناهي. ڊاڪٽر شريعتي جو خيال هو ته حضرت امام حسين جي ڪردار ۾ ان باغي فڪر جي جهلڪ آهي، جنهن کي دنيا صدين کان پوءِ مارڪسزم جو نالو ڏنو. جيڪو جذبو ڪميونزم جي فڪر ۾ آهي. جنهن معاشري جو تصور ڪميونزم پيش ڪري ٿو، اهو برابري ۽ انصاف تي ٻڌل معاشري جو پيغام حضرت علي رضه جي افڪار ۽ حضرت حسين رضه جي ڪردار ۾ وڌيڪ بهتر انداز سان موجود آهي. اهو ئي سبب آهي ته ڊاڪٽر شريعتي ايران جو نه صرف ترقي پسند شيعا عالم سمجهيو ويندو هو پر هن کي شيعا دنيا جو مارڪسي عالم به سڏيو ويندو هو.
اهو علي شريعتي هو، جنهن امام حسين رضه جي قربانيءَ کي صرف درد جو داستان بڻائي پيش ڪرڻ بدران ان ۾ انساني زندگيءَ گذارڻ جي وسيع سوچ ۽ هڪ عظيم عمل جي صورت ڏيڻ تي زور ڏنو. ڊاڪٽر علي شريعتي پنهنجي معاشري ۾ بغاوت جي علامت هو. اهو ڊاڪٽر شريعتي هو، جنهن چيو هو ته ”حسينيت جو رنگ سرخ آهي“
ڊاڪٽر علي شريعتي دنيا کي اهو پيغام ڏنو ته هڪ اهڙي معاشري جو بنياد پوڻ گهرجي، جنهن ۾ ننڍ وڏائي ۽ جنهن ۾ هر قسم جي ڦرلٽ مٿان سخت پابندي هجي. ڊاڪٽر علي شريعتي مغربي جمهوريت جو وڏو نقاد هو. هن جو خيال هو ته اولهه جي جمهوريت هڪ دوکو ۽ فريب آهي. ان ۾ انساني ڏکن کي ختم ڪرڻ ۽ انصاف قائم ڪرڻ جي ڪا به گنجائش موجود ناهي. جڏهن ته سوشلزم جو وجود اسان کي بهتر سماج جو ماڊل فراهم ڪري ٿو. ڊاڪٽر علي شريعتي مارڪسزم سان مڪمل طور تي متفق نه هو. هو مارڪسزم جي مٿان به تنقيد ڪندو هو. هن جو خيال هو ته مارڪسزم ۾ ڪجهه ضروري تبديليون اچڻ گهرجن. پر آمريڪي ۽ يورپي جمهوريت جي ڀيٽ ۾ هو مارڪسزم کي بهتر سوچ قرار ڏيندو هو. علي شريعتي جو خيال هو ته حسينيت حق جو نعرو آهي. دنيا جو ڪو به سچو حسيني ڪڏهن به سرمائيداري نظام جو حامي ٿي نه ٿو سگهي.
ڇا اهو صرف هڪ اتفاق آهي ته هندوستان ۽ پاڪستان ۾ اڪثر شيعا خاندانن مان ڪميونسٽ ليڊر پيدا ٿيا آهن. اهي ڪيفي اعظمي ۽ حسن ناصر کان وٺي جمال نقويءَ تائين ڪميونسٽ پارٽين جا اڳواڻ حسيني ڪلچر ۾ نظر ايندا رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي ته جڏهن به محرم جو مهينو شروع ٿيڻ وارو هوندو آهي ته بظاهر مذهبي خيالن جا مخالف بلڪه هر قسم جي مذهبي ايمان سان اتفاق نه رکندڙ عرف عام ۾ دهريا ڪوٺيا ويندڙ فرد به مولا حسين جي درد ۾ مومن بڻجي ويندا آهن.
امام حسين جي لاءِ احترام ته هر مذهب ۽ مسلمانن جي هر فرقي ۾ موجود آهي. پر اها الڳ ڳالهه آهي ته سوشلسٽ خيالن مان ماڻهو امام حسين جو صرف احترام نه ڪندا آهن پر انهن کي مولا حسين سان هڪ غيرمشروط محبت هوندي آهي. هو روايتي حساب سان مذهبي نه هوندي به پنهنجي دل ۾ غم حسين جو هڪ ديپ سدائين ٻاري رکندا آهن ۽ ان چراغ جا هو پاڻ به پروانا هوندا آهن. امام حسين سان هر سوچ ۽ فڪر جو انسان پنهنجي پنهنجي انداز سان عزت ۽ محبت جو اظهار ڪندو آهي. مولا حسين جي محبتن ۾ مارڪسي فڪر وارا انساني تاريخ جي عظيم امام کي اندر جي اڪير سان سرخ سلام پيش ڪندا آهن ۽ انهن جو اهو انداز ڪيترو نه من ڀاوڪ هوندو آهي.