اسلام آبادپاڪستان

غيرقانوني فنڊنگ ڪيس جو فيصلو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

اسلام آباد :تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن جو غيرقانوني فنڊنگ بابت ڪيس جو فيصلو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو. پي ٽي آءِ جي ايڊيشنل سيڪريٽري جنرل عمر ايوب غيرقانوني فنڊنگ بابت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي. پي ٽي آءِ طرفان داخل درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن کي ڌر بڻايو آهي. تحريڪ انصاف پنهنجي درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن جي ڪارروائي غير قانوني قرار ڏيڻ ۽ غير قانوني فنڊنگ ڪيس ۾ شوڪاز نوٽيس کي به ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي آهي. ان کانسواءِ پي ٽي آءِ طرفان غير قانوني فنڊنگ ڪيس بابت اليڪشن ڪميشن جو 2 آگسٽ وارو فيصلو به ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button