رانديون

سست اوور ريٽ، آئي سي سي طرفان پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن تي ڏنڊ

دبئي: انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) سست اوور ريٽ تي پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن تي ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. آءِ سي سي موجب سست اوور ريٽ تي پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن تي ميچ فيس جو 20-20 سيڪڙو ڏنڊ لڳايو ويو آهي. آچر ڏينهن دبئي ۾ کيڏيل ميچ ٻنهي ٽيمن مقرر اوورن ۾ هڪ هڪ اوور ۾ پوئتي رهيون، ميچ ريفري جيف ڪرو ٻنهي ڪپتانن کي 20 سيڪڙو ميچ فيس في اوور جي سزا ڏني.

پاڪستان مقرر 20 اوور مڪمل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ صرف 17 اوور مڪمل ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ کيس باقي 3 اوورن تائين پنج فيلڊرن کي دائري اندر رکڻو پيو. ڀارتي ڪپتان روهت شرما ۽ پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم غلطي تسليم ڪرڻ سان گڏ ڏنڊ به قبول ڪري ورتو. واضح رهي ته ايشيا ڪپ ٽي-20 ٽورنامينٽ جي پهرين گروپ ميچ ۾ پاڪستان، ڀارت کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي. قومي ٽيم ايونٽ ۾ پنهنجي ايندڙ ميچ 2 سيپٽمبر تي جمعي ڏينهن هانگ ڪانگ خلاف کيڏندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button