رانديون

پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽي-ٽوئنٽي سيريز جي ٽڪيٽن جو وڪرو شروع

لاهور: پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽي-ٽوئنٽي سيريز جي ٽڪيٽن جو وڪرو شروع ٿي ويو آهي. انگلينڊ جي ٽي-20 ٽيم سيپٽمبر ۾ پاڪستان جو دورو ڪندي، جتي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 7 ٽي-20 ميچن جي سيريز کيڏي ويندي، سيريز جون پهرين 4 ميچون ڪراچي ۽ 3 لاهور ۾ کيڏيون وينديون. پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽي-ٽوئنٽي سيريز لاءِ ٽڪيٽن جو وڪرو ڪالهه صبح شروع ٿي ويو ۽ هڪ ڪلاڪ اندر نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي جي 2 انڪلوزرز لا ٽڪيٽون وڪرو ٿي ويون آهن.

نسيم الغني ۽ اقبال قاسم انڪلوزرز جي ٽڪيٽن جي قيمت 250 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، ٻنهي انڪوزرز جي ٽڪيٽون هاڻي وڪري لاءِ موجود نه آهن، پر ساڳئي قيمت جي ٻين 2 انڪلوزرز لاءِ ٽڪيٽون وڪري لاءِ موجود آهن، هڪ ٽڪيٽ خريد ڪري سگهجي ٿي. هڪ شناختي ڪارڊ تي جڏهن ته ٻارن جون ٽڪيٽون بي فارم ڏيکاريندي حاصل ڪري سگهجن ٿيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button