رانديون

پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ فائنل ڏسي رهيو آهيان: اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر مدثر نذر جي اڳڪٿي

لاهور: اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر مدثر نذر پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي فائنل جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. هڪ بيان ۾ مدثر نذر چيو ته افغانستان جي ٽيم ڪنهن به حريف ٽيم کي مشڪل ۾ وجهي سگهي ٿي، افغانستان جا اسپنر سٺا آهن ۽ ٽاپ آرڊر بيٽسمين به تيز کيڏندا آهن، افغان اسپنر جنهن ڏينهن سندن خلاف ڪنهن ٽيم 150 يا 160 رنسون ٺاهيون ته ان کي ڏکيائين ۾ وجهي ڇڏيندا.

هن چيو ته پاڪستاني ٽيم جو ڪمبينيشن سٺو ٿي ويو آهي ۽ ٽيم بهترين ڪرڪيٽ کيڏي رهي آهي، گذريل وقت ۾ ٽيم ۾ ڪيل تبديلين سان فرق آيو آهي. مدثر نذر چيو ته شعيب ملڪ سينيئر رانديگر آهي، هن کي لو بيڪ مان فائدو ٿيو آهي، جڏهن ته ڪپتان بابر اعظم ميچوئر ٿي چڪو آهي، هو متحرڪ ۽ پرفارمر آهي، ٽيم ۾ سندس اثر وڌيو آهي.

اڳوڻي ڪرڪيٽر جو چوڻ هو ته هو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ فائنل ڏسي رهيو آهي، ايونٽ شروع ٿيڻ کان اڳ هن چيو هو ته گروپ ميچ جو نتيجو ڪجهه به هجي، فائنل ۾ مقابلو ٿي سگهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button