
برطانيا جي راڻي ايلزبيٿ 2 جي وڇوڙي جي ڏک ۾ انگلينڊ ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ جاري اوول ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن واري راند کي ملتوي ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق راڻي جي وفات بعد برطانوي حڪومت پاران 10 ڏينهن جي سوڳ واري اعلان سبب انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ ٻئي ڏينهن واري راند کي ختم ڪيو ويو آهي.