![](https://s3.amazonaws.com/sindhexpress.com.pk/2022/09/Malika-e-Noor-e1662725972832-780x470.jpg)
پاڪستان جي ويمن فٽبال ٽيم جي نائب ڪپتان مليڪا نور چيو آهي تھ اسان جي ٽيم 8 سالن بعد بهتر کيڏيو آهي. ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ هن جو چوڻ هو تھ ساف چيمپئن شپ ۾ اسان اڳ کان وڌيڪ بهتر پرفارم ڪري رهيا آهيون، ڀارت خلاف ميچ ۾ پرفارمنس بهترين رهي آهي. هن جو چوڻ هو تھ ٽيم هاڻ رڳو ٽورنامينٽ ۾ شرڪت واري ناهي، هاڻ اها ڪجهه ڪري ڏيکارڻ بھ چاهي ٿي. هن چيو تُھ فٽبال جي بحالي ۾ 8 سال لڳا، گهڻو ڪجهه بدليو، ڪيتريون ئي ڇوڪريون فٽبال ڇڏي ويون، مان بھ ٻن ٻارن جي ما آهيان، پر گهرڀاتين منهنجو ساٿ ڏنو، تنهنڪري ٽيم ۾ آهيان.