پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ڊائريڪٽر ذاڪر خان چيو آهي تھ پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ٻھ طرفي سيريز بابت اڳڀرائي ناهي ٿي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ پي سي بي ڀارت سان کيڏڻ کان نھ روڪيو آهي. جڏهن تھ ذاتي طور ڀارتي بورڊ سان رابطا ٿيندا رهندا آهن. ذاڪر خان جو چوڻ هو تھ پي سي بي جي مضبوط موقف اختيار ڪرڻ بعد وڏين ٽيمن پاڪستان ڏي اچڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان ميگا ايونٽ جي ميزباني جي راهه هموار ٿي وئي آهي. هن چيو تھ هاڻ اسان کي ايشيا ڪپ 2023ع ۽ 2025ع ۾ چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني ۾ ڪا ڏکيائي نھ ٿيندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close