
برازيل قزاقستان کي شڪست ڏئي سوڪا ورلڊ ڪپ کٽي ورتو آهي. ميڊيا مطابق هنگري جي شهر بڊاپسٽ ۾ سوڪا ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ برازيل ميچ جا اڪيلا 3 گول ڪري چيمپيئن بڻجي ويو آهي. جڏهن تھ قزاقستان جي ٽيم ڪوبھ گول نھ ڪري سگهي.

هوڏانهن فائنل کٽڻ تي برازيل ۾ جشن ملهائجي رهيو آهي. جڏهن تھ ميدان ۾ ميچ هارائڻ بعد قزاقستان جا رانديگر روئي ويٺا ۽ سندن چهرا مرجهايل رهيا. ياد رهي تھ سيمي فائنل جي ميچن ۾ برازيل جرمني ۽ قزاقستان پولينڊ کي شڪست ڏئي فائنل کيڏيو آهي.