رانديون

پاڪستان کي پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ انگلينڊ هٿان 6 وڪيٽن تان شڪست

ڪراچي: انگلينڊ جي ٽيم پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي 7 ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي. ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان کيڏندي پاڪستان مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 158 رنسون ٺاهيون. محمد رضوان 68، ڪپتان بابر اعظم 31، افتخار احمد 28 رنسن جي اننگز کيڏي، حيدر علي 11، شان مسعود 7، محمد نواز 4، خوشدل شاهه 5 رنسون ٺاهيون. انگلينڊ طرفان ليوڪ ووڊ 3، عادل رشيد 2، جڏهن ته سيم ڪوران ۽ معين علي 1-1 وڪيٽ ورتي. جواب ۾ انگلينڊ جي ٽيم گهربل هدف 4 وڪيٽن جي نقصان تي 4 بال اڳ ۾ حاصل ڪري ورتو. مهمان ٽيم جي ايليڪس هيلز 53 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، هيري بروڪ 42، بين ڊڪٽ 21، ڊيوڊ ملان 20 رنسون ٺاهيون. واضح رهي ته 17 سالن جي عرصي کانپو انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمپاڪستان جي دوري تي پهتي آهي جيڪا پنهنجي دوري دوران مجموعي طور تي 7 ٽي 20 ميچون کيڏندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button