
سنڌ جا سمورا اسڪول ٻوڏ متاثرن کان خالي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. تعليم کاتي جَي سيڪريٽري صوبي جَي سمورن ڊي سيز کي خط لکي ڇڏيو. سيڪريٽري خط ۾ چيو آهي ته ڪجهه اسڪولن کي رليف ڪيمپ قرار ڏنو ويو هو، پر رليف ڪيمپ قرار نه ڏنل ڪجهه اسڪولن ۾ وري متاثر پاڻمرادو ترسي پيا. خط ۾ چيو ويو آهي ته ٻوڏ وارِي صورتحال جِي سنگيني کي سمجهون ٿا پر ٻارن جِي تعليم به حساس معاملو آهي، تنهنڪري متاثرن کان اسڪول خالي ڪرائي کين خيما بستين ۾ ترسايو وڃي. واضح رهي ته برساتي ٻوڏ سبب لکين ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، جن اسڪولن سميت مختلف روڊ رستن تي پناهه ورتي آهي.