رانديون

خراب ڪارڪردگي تي مڙس کي به ٻڌڻو پوندو آهي: ڪائنات امتياز

لاهور: پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر ڪائنات امتياز جو چوڻ آهي ته ٽيم جي خراب ڪارڪردگي تي مڙس کي به ٻڌڻو پوندو آهي. نجي چينل سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪائنات امتياز چيو ته شادي شده هجڻ سبب مون کي ڪنهن به قسم جي تڪليف نه ٿي رهي آهي، مان سمجهان ٿي ته راندين ۾ شادي ٿيڻ جو مسئلو صرف ڇوڪرين کي نه پر ڇوڪرن کي به ٿي سگهي ٿو، خاندان جو سهڪار تمام ضروري آهي، چاهي ڇوڪرو هجي يا ڇوڪري.

پاڪستاني ڪرڪيٽر جو وڌيڪ چوڻ هو ته منهنجي والدين مون کي تمام گهڻو سپورٽ ڪيو ۽ انهن جي ڪري ئي مان ڪرڪيٽر بڻجي ويس، شادي کانپوءِ هاڻي مون کي پنهنجي ساهرن کان حوصلو ملي رهيو آهي، اهي به تمام گهڻو سرگرم آهن، عام مداحن وانگر مڙس به پاڪستان چاهي ٿو. ٽيم کي مسلسل کيڏڻ لاءِ منهنجي مڙس کي پاڪستاني ٽيم جي خراب ڪارڪردگيءَ تي ٻڌڻو پيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button