
ڪراچي: قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي ٻين رانديگرن سان اسٽيڊيم ۾ بوتل فلپنگ چيلنج مڪمل ڪرڻ جي وڊيو وائرل ٿي آهي. بابر اعظم ۽ شاداب خان سميت ٻين رانديگرن جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ بابر اعظم کي بوتل فلپنگ جو چيلنج پورو ڪرڻ بعد خوشيءَ سان ڊوڙندي ڏٺو پيو وڃي. وڊيو ۾ حارث رئوف ۽ شاداب خان کي به فوري طور تي بوتل جي پوزيشن ۾ ويهڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي ڏٺو ويو. قومي ٽيم جي رانديگرن جي يونيفارم پريڪٽس سيشن دوران وائرل ٿيل وڊيو مان لڳي رهيو آهي.