رانديون

محمد رضوان جي پنهنجي ڌيئرن سان پيار جي اظهار جي وڊيو وائرل

ڪراچي: ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ انگلينڊ خلاف ٻي ٽي-ٽوئنٽي ميچ ۾ شاندار ڪاميابي کانپوءِ قومي ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان جي پنهنجي ڌيئرن سان پيار جو اظهار ڪندي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ميچ کانپوءِ رضوان جون ڌيئرون هن ڏانهن ڊوڙنديون آيون آهن ۽ کيس ڀاڪر پائينديون آهن، جڏهن ته رضوان به ٻنهي ٻارڙين کي تمام گهڻو پيار ڪندو آهي. بعد ۾ ڪپتان بابر اعظم کي به ننڍڙين ٻارڙين سان ٽهڪ ڏيندي ڏسي سگهجي ٿو. ٻئي طرف ميچ کانپوءِ تقريب ۾ جڏهن بابر کي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو ته فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي به محمد رضوان جي ڌيئرن سان ڳالهائڻ ۾ مصروف هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button