رانديون

انضمام الحق پاڪستاني بالنگ ۾ ڪمزورين جي نشاندهي ڪري ڇڏي

لاهور: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان انضمام الحق پاڪستاني بالنگ ۾ ڪمزورين جي نشاندهي ڪري ڇڏي. اڳوڻي ڪپتان جو چوڻ هو ته گرين شرٽس جي بالنگ ايتري مضبوط ناهي، جيتري اسان سمجهون ٿا، اسان وٽ بالر آهن، جيڪي 140 جي رفتار سان بالنگ ڪن ٿا پر شاهين شاهه آفريدي جي غيرموجودگي ۾ بالنگ پوري 20 اوورن بدران ٽڪڙن ۾ ئي بهتر بالنگ هوندي آهي. هن چيو ته پاڪستاني بالر نئين بال سان سوئنگ ڪندا هئا ۽ وڪيٽون حاصل ڪندا هئا پر بال پراڻي ٿيڻ سان صورتحال تبديل ٿي ويندي آهي، هو ان حالتن ۾ به آخري اوورن ۾ سٺي بالنگ نه ڪري سگهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button